حڪومت جو ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي گهربل اڳواڻن جي گرفتاري ۾ مدد ڪندڙن لاءِ انعام جو اعلان

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت طرفان ڪالعدم قرار ڏنل ”جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي“ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي گرفتاريءَ ۾ مدد يا انهن بابت ڄاڻ فراهم ڪندڙن لاءِ انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آزاد ڪشمير جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن شوڪت نواز مير، عمر نذير ڪشميري، سردار امان ۽ خواجه مهراڻ بابت ڄاڻ فراهم ڪندڙن کي هڪ ڪروڙ رپيا انعام ڏنو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهربل ماڻهن جي موجودگيءَ يا گرفتاريءَ ۾ مدد ڏيندڙ ڄاڻ فراهم ڪندڙن جي سڃاڻپ ڳجهي رکي ويندي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض مغل چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جا ڄاڻايل ميمبر هن وقت روپوش آهن ۽ پوليس سندن ڳولا ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو به شخص انهن ماڻهن جي موجودگيءَ بابت اطلاع ڏيندو ، ان کي سرڪاري اعلان موجب انعام ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ تي اڄ آزاد ڪشمير ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا.
مختلف شهرن جي بازارن ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته رستن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.