مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڪالعدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ڀمبر مان لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ ۾ حصو وٺندڙن جو انگ ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.
هڪ پوليس اهلڪار موجب، احتجاج ڪندڙ برنالا، ڪوٽلي، پلندري ۽ ٻين علائقن مان ميرپور ۽ راولاڪوٽ پهچي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار رستن ۽ ٻين علائقن ۾ گشت ڪري رهيا آهن.
مظاهرين ميرپور کان راولاڪوٽ جو سفر شروع ڪندا ۽ راولاڪوٽ کان مظفر آباد طرف ايندا.
مظفر آباد ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي سموريون مارڪيٽون بند آهن، سرڪاري آفيسون کليل آهن پر اتي سرڪاري اهلڪار نه هئڻ جي برابر آهن.
ان کانسواءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ شهر ۾ قائم سمورا پيٽرول پمپس بند آهن.
شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي پر ان جي باوجود نوجوان ٽولن جي صورت ۾ مختلف چوڪن تي ويٺل آهن.
واضح رهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت تازو ئي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ کي ڪالعدم قرار ڏنو هو.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظفر آباد جي هڪ واپاريءَ جو چوڻ آهي ته هن دڪان پنهنجي مرضيءَ سان بند ڪيو ۽ ڪنهن تنظيم يا ڪنهن گروپ کين ائين ڪرڻ لاءِ ناهي چيو.
هن چيو ته هو تيستائين هڙتال جاري رکندا جيستائين سندن مطالبا پورا نه ٿين يا هڙتال جي خاتمي جو اعلان نه ڪيو وڃي.
واپارن جي هڪ ڌڙي جي صدر حاجي عبدالرزاق جو چوڻ آهي ته هن ڀيري حالتون ماضيءَ جي مقابلي ۾ مختلف آهن، هاڻ ڪو به زبردستي دڪان بند نٿو ڪرائي سگهي.
هن چيو ته ضلعي انتظاميا کين خاطري ڪرائي آهي ته ڪو به زبردستي سندن دڪان بند نه ڪرائي سگهندو.
هن چيو ته هڙتال سبب روزانو هڪ ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو ۽ هن هڙتال سبب هزارين ماڻهو جيڪي مختلف هوٽلن ۾ ڏهاڙي جي بنياد تي ڪم ڪن ٿا، گهرن ۾ ويهي رهيا آهن.