انسٽاگرام تبديل، واهپيدار پنهنجي پروفائل مرضيءَ مطابق ترتيب ڏئي سگهندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام پنهنجي واهپيدارن لاءِ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو مطالبو ڪافي عرصي کان ڪيو پئي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انسٽاگرام جي سربراهه آدم موسيري هڪ سال اڳ هن فيچر جو اعلان ڪيو هو، جيڪو هاڻي عالمي سطح تي واهپيدارن لاءِ دستياب ڪيو ويو آهي. هن فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي پروفائل کي پنهنجي پسند موجب ترتيب ڏئي سگهندا ۽ کين پنهنجي مواد تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪندا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب واهپيدار هاڻي پروفائل سيٽنگز ۾ نئون ”ري آرڊر“ آپشن ڏسي سگهندا، جنهن سان هو پنهنجي پوسٽن کي ڪنهن به جڳهه تي منتقل ڪري سگهندا، ڀلي اهي پوسٽون ڪيترائي سال اڳ شيئر ڪيون ويون هجن. ان سان اهم تصويرن ۽ پوسٽن کي پروفائل گرڊ جي مٿئين حصي ۾ رکڻ ممڪن بڻجي ويندو.

واضح رهي ته هن وقت انسٽاگرام پروفائلز ۾ پوسٽون وقت جي ترتيب موجب نظر اينديون آهن، جتي جديد پوسٽ سڀ کان مٿي هوندي آهي. نئين فيچر کانپوءِ واهپيدار پراڻين پوسٽن کي به پنهنجي مرضي موجب ترتيب ڏئي سگهندا. ڪمپني موجب هن فيچر جو مقصد واهپيدارن کي پنهنجي پروفائل وڌيڪ ذاتي ۽ پرڪشش نموني سان ترتيب ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.