ايپل نئون آپريٽنگ سسٽم متعارف، ڪهڙا آءِ فون آءِ او ايس 27 کي سپورٽ ڪندا؟

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ايپل پنهنجي آءِ فون واهپيدارن لاءِ نئون آپريٽنگ سسٽم آئي او ايس 27 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نوان فيچر شامل ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب ايپل پنهنجي سالياني ڊبليو ڊبليو ڊي سي 2026 تقريب دوران آئي او ايس 27 بابت تفصيل جاري ڪيا. نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل اپگريڊ ٿيل سيري سميت ڪيترائي نوان فيچر شامل آهن، جڏهن ته عام واهپيدارن لاءِ ان جي دستيابي جو امڪان سيپٽمبر ۾ آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آئي او ايس 27 ۾ موجود اي آءِ فيچرز رڳو iPhone 15 Pro، iPhone 15 Pro Max، iPhone 16 Series، iPhone 16e، iPhone 17e، iPhone Air ۽ iPhone 17 Series تائين محدود هوندا.

رپورٽ موجب نئون آپريٽنگ سسٽم iPhone 11 ۽ ان کانپوءِ وارن ماڊلز لاءِ دستياب هوندو، جڏهن ته 2018ع يا ان کان اڳ وارن آءِ فونز کي هي اپڊيٽ نه ملندي. يعني آءِ فون 11، 12، 13، 14، 15، 16 ۽ 17 سيريز جا فون آئي او ايس 27 هلائي سگهندا. ان کانسواءِ iPhone SE (2nd generation) يا ان کانپوءِ جا ايس اي ماڊل به هن نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ اپگريڊ ڪري سگهبا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.