وفاق کي 1700 ارب ڏيڻ،سنڌ جي ترقياتي رٿائن،بي آءِ ايس پي ۽ ڪئنالن تي ڳالهيون هلندڙ

اسلام آباد(سجاد انور)صوبن کان وفاقي حڪومت 1700 ارب رپيا گهري رهي آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو خرچ صوبا پاڻ برداشت ڪن ان کان علاوه دفاع  ۽ ٻين خرچن ۾ به صوبا حصو وجهن. صدر زرداري جي ڳالهين مان لڳي رهيو هو ته شايد ان تي پيپلز پارٽي وارا به راضي آهن، سنڌ حڪومت کي ته 1700 ارب رپين مان ڪجهه 300 يا 350 ارب رپيا ڏيڻا پوندا، باقي وڌيڪ بار پنجاب تي پوندو ۽ باقي صوبن تي به پوندو.ٻئي پاسي قومي اقتصادي ڪائونسل  جنهن جو اڄ اجلاس ٿيڻو هو، ان ۾ پيپلز پارٽي چئي رهي آهي ته جيڪڏهن توهان ايترا ڪٽس لڳائي رهيا آهيو، پهرين ئي 1700 ارب رپيا توهان صوبن کان وٺي رهيا آهيو، ته پوءِ جيڪي وفاق جون ترقياتي  اسڪيمون هونديون آهن، اهي گهڻو ڪري پنجاب سينٽرڊ هونديون آهن، انهن جو رستو سنڌ جي طرف به ڪيو وڃي ۽ ان ۾ جيڪو پهريون سندن مدو آهي، اهو آهي حيدرآباد-سکر، حيدرآباد-ڪراچي موٽروي. پيپلز پارٽي ان کي يقيني  بڻائيندي ته هي اسڪيم لازمي بجيٽ ۾ شامل هجي.پوءِ ٻيو وڏو سندن معاملو هي آهي ته هو سمجهن ٿا ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وفاق وٽ رهڻ کپي. ٺيڪ آهي، وفاق کي پئسن جي ضرورت آهي ته اهي ٻئي رستي کان وفاق کي ملي سگهن ٿا پر هي جيڪا اسڪيم آهي، اها صوبن کي نه ڏني وڃي. اهڙي طرح ڪجهه ٻين شين جي مٿان به پيپلز پارٽي جو موقف آهي پر وفاقي حڪومت سمجهي ٿي ته انهن وٽ اسپيس گهٽ آهي، چوڻ وارا اها ئي ڳالهه چئي رهيا آهن ته زرداري ڪو رستو ڪڍندو ۽ خوش اسلوبي سان هي معاملو طئي ٿي ويندو، جيڪو اڄ ٿيڻ کپندو هو.چيو اهو پيو وڃي ته حڪومت ۽ پ پ وچ ۾  هڪ غلط فهمي ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڪئنالن  جي نظام تي به ڪا ڳالهه ٻولهه هن بجيٽ ۾ ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڇو ته سنڌ جو آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو به انهن اجلاسن جو حصو آهن، چيو اهو پيو وڃي ته ڀارت چناب درياءَ جي مٿان ڪا نئين تعميرات ڪري ورتي آهي ۽ ڊيم   ٺاهي ورتا آهن، ته ان جي نتيجي ۾ پاڻي جي جيڪا رفتار آهي اها گهٽ ٿي وئي آهي، تنهنڪري پنجاب خاص طور تي پنهنجو  حصو وڌائڻ چاهي ٿو، ڪجهه ريزروائر ه ٺاهڻا پوندا. پر فوري طور تي جيڪا شديد کوٽ آهي پاڻي جي، ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنجاب چاهي ٿو ته ارسا جو جيڪو معاهدو آهي ان کي ٿورو ٻيهر ايڊجسٽ ڪيو وڃي،پيپلز پارٽي هي چوي ٿي ته پهرين به هي معاهدو جيڪو 1992ع ۾ ٿيو هو، ان ۾ جيڪو طئي ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ وفاق ئي سڀ فيصلا ڪيا هئا، ان وقت ڪا به ارڙهين ترميم نه هئي بلڪ صوبن جا اهي اختيار ئي نه هئا ان وقت، ۽ ان وقت حڪومت به ميان نواز شريف جي هئي. ته ان ۾ جيڪو حصو طئي ڪيو ويو هو سڀني صوبن جو، اهو به سنڌ کي ناهي مليو. هن ڀيري ته ڪي پي وارا به چئي رهيا آهن ته انهن کي جيڪو پاڻي ارسا تحت طئي ٿيل آهي، اهو به نٿو ملي.ٻئي پاسي گلگت بلتستان ۾ پ پ اڳ ئي مقبول پارٽي رهي آهي،تازو اليڪشن مهم جي سلسلي ۾  ميان نواز شريف پاڻ هڪ ڏينهن ويا هئا، مسلم ليگ نون جي وزيرن يا ٻين ماڻهن مهم هلائي هئي پيپلز پارٽي جي خلاف، وڏو محاذ به ٺاهيو هو، پر اهو سڀ ڪجهه بيهي نه سگهيو ڇو ته ووٽ بئنڪ پيپلز پارٽي جو ان سڀني پارٽين کان بهتر آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.