سنڌ جي رٿائن لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ 195 ارب رکيا ويندا:احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير احسن اقبال حڪومت ۽ اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ترقياتي بجيٽ بابت ڳالهين جي  مڪمل ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) بابت حڪومت ۽ اتحادي جماعتن وچ ۾ اتفاق راءِ موجود آهي، ۽ وفاق ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ننڍن صوبن تي وڌيڪ خرچ ڪندو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وفاق سڀ کان وڌيڪ فنڊ بلوچستان کي فراهم ڪندو، ان کان پوءِ سنڌ کي، جڏهن ته ٽئين نمبر تي خيبر پختونخوا کي فنڊ ڏنا ويندا. پنجاب کي سڀ کان گهٽ فنڊ ملندا.احسن اقبال ٻڌايو ته بلوچستان جي ترقياتي منصوبن تي 265 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ 195 ارب رپيا رکيا ويندا. سنڌ ۾ سکر-حيدرآباد موٽروي منصوبي تي هن سال ڪم شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪي فور منصوبي لاءِ به وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ فنڊ فراهم ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.