اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي دولت ۽ عيش عشرت واري زندگي جي نمائش ڪندڙ نان فائلرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.آمدني کان وڌيڪ شاهانا طرزِ زندگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا، جن کان سندن آمدني، اثاثن ۽ مالي ذريعن بابت تفصيل طلب ڪيا ويندا.ايف بي آر) ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ اهڙن ماڻهن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي سوشل ميڊيا تي پنهنجي دولت، مهانگين گاڏين، جائيدادن ۽ عيش عشرت واري زندگي جي نمائش ڪندا آهن.رپورٽن موجب ايف بي آر سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش ڪندڙ نان فائلرن خلاف ڪارروائي لاءِ لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي باقاعده نوٽيس جاري ڪيا ويندا.انهن نوٽيسن ۾ لاڳاپيل ماڻهن کان سندن آمدني، اثاثن، ملڪيتن ۽ مالي ذريعن جا تفصيل طلب ڪيا ويندا، جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته سندن ظاهر ڪيل طرزِ زندگي ۽ ٽيڪس رڪارڊ ۾ ڪيتري حد تائين مطابقت موجود آهي.ذريعن موجب ايف بي آر سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش ڪندڙ ماڻهن جي جامع ڊيٽا گڏ ڪري ورتي آهي. انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا پڻ سهڪار فراهم ڪيو آهي .