ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف منشيات سميت ٻين ڪيسن ۾ سندس وائس رڪارڊنگ ڪرائڻ بابت پوليس جي درخواست تي سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، پوليس عدالت سان رابطو ڪندي درخواست ڪئي آهي ته پنڪي جي وائس رڪارڊنگ سميت سمورا ڊجيٽل شاهد پنجاب جي فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا وڃن، جيل اندر انمول پنڪي جي وائس رڪارڊنگ ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڊجيٽل شاهدن جي فرانزڪ جاچ پنجاب ليبارٽري مان ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، ٻئي پاسي رپورٽن موجب انمول عرف پنڪي جي نالي سان لاهور ۾ موجود هڪ مبينا جعلي سيلري اڪائونٽ مان ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، جاچ رپورٽ موجب بئنڪ ۾ جمع ڪرايل دستاويز جعلي هئا ۽ جنهن ڪمپني جي ملازم طور اڪائونٽ کولرايو ويو، اهڙي ڪا ڪمپني موجود ئي نه هئي، اڪائونٽ هڪ پرڏيهي بينڪ جي نيو گارڊن لاهور برانچ ۾ کوليو ويو هو، جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر صوبيا ارم پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته انمول پنڪي جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپين جون ٽرانزيڪشنون ٿيون، بئنڪ اسٽيٽمينٽ موجب اڪائونٽ ۾ 6 ڪروڙ 39 لک 88 هزار 912 رپين جي ٽرانزيڪشن رڪارڊ ڪئي وئي هئي.