برطانيا ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ مداخلت نه ڪن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پرڏيهين جي آزاد ڪشمير بابت غير ذميواراڻن بيانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي کين ملڪي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت غير ضروري رمارڪس رد ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي صلاح ڏئي ٿو ته اهي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن، پر پنهنجي ملڪ جي هڪاري ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪجهه برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي غير ضروري بيانن ۽ سوالن جو به نوٽيس ورتو آهي، اهي بيان ان مسئلي جي تاريخي پس منظر کان اڻڄاڻائيءَ جو عڪس آهن. نوآبادياتي دور جي سوچ رکندڙن کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ جمهوري رياست آهي، پاڪستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري اصول تي يقين رکي ٿو ۽ ٻين مان به اهڙي ئي رويي جي اميد رکي ٿو برطانوي حڪومت بندش پيل تنظيمن جي حمايت ڪندڙن کي روڪي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.