سکر-حيدرآباد موٽروي سياسي مفادن جي نذر ڪيو ويو:پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو)سينيٽر پرويز رشيد پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ سکر-حيدرآباد موٽروي بابت سوال اٿاري ڇڏيو.سينيٽ جي مواصلات ۽ رٿابندي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس دوران پرويز رشيد پڇاڻو ڪيو ته پي ايس ڊي پي ۾ سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ ڪيترا فنڊ رکيا پيا وڃن؟ان تي رٿابندي واري سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته منصوبي لاءِ 20 ارب رپين جي تجويز ڏني وئي آهي.ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين  چيو ته منصوبي لاءِ 70 ارب رپين جي گهر ڪئي وئي آهي.اجلاس دوران سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته 70 ارب رپين جي گهر جي مقابلي ۾ 20 ارب رپيا ڏيڻ ناانصافي آهي، اهڙي رفتار سان ته موٽروي 12 سالن ۾ به مڪمل نه ٿي سگهندي.سينيٽر ڄام سيف الله خان اين ايڇ اي کي ڪرپٽ ادارو قرار ڏيندي ان کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.سينيٽر پرويز رشيد چيو ته سکر-حيدرآباد موٽروي کي سالن کان سياسي مفادن جي نذر ڪيو ويندو رهيو آهي، جيڪڏهن هن منصوبي کي سياست ۽ الزام تراشي جي ور نه چاڙهيو وڃي ها ته اڄ تائين مڪمل ٿي چڪو هجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.