اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ هلندڙ هفتي پيش ڪئي وڃڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ عورتن لاءِ وڏي خوشخبري اميد آهي. جيتوڻيڪ ٽيڪسن ۾ واڌ سبب ڪيترين ئي شين جي اگهن ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت عورتن کي رليف ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت بيوٽي پارلرن، اسڪن ڪيئر ڪلينڪس ۽ هيلٿ ڪلبن ۾ استعمال ٿيندڙ درآمدي ڪچي مال، اوزارن ۽ مشينري تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ گهٽتائي تي غور ڪري رهي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽمز نوٽيفڪيشن نمبر 1151 ۽ 1152 تحت ڊيوٽي جي شرح ۾ 2 کان 5 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي.
بيوٽي پارلرن ۾ استعمال ٿيندڙ درآمدي ميڪ اپ ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي 44 سيڪڙو مان گهٽائي 40 سيڪڙو ڪئي ويندي.
شيونگ ڪريم، آفٽر شيو لوشن ۽ لاڳاپيل شين تي ڊيوٽي 40 سيڪڙو مان گهٽائي 35 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
بيوٽي سروسز ۾ استعمال ٿيندڙ فيس واش، صابڻ ۽ ٻين ڪاسميٽڪ ڪچي مال تي ڊيوٽي 40 سيڪڙو مان گهٽائي 35 سيڪڙو ڪئي ويندي، جنهن ۾ اسڪن ڪيئر ڪريمون ۽ لوشن پڻ شامل هوندا.
جم، سلمنگ سينٽرن ۽ هيلٿ ڪلبن لاءِ درآمد ڪيل مشينري، اوزارن ۽ اسپيئر پارٽس تي ڪسٽم ڊيوٽي 40 سيڪڙو مان گهٽائي 35 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي.