سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ”غيرت جي نالي تي قتل“ يعني ڪارو ڪاري جو ناسور سماج جي منهن تي هڪ ڪارو داغ آهي. ڪارو ڪاري جي ابتدا بابت محققن جا مختلف رايا آهن. حسينا جمالي ۽ ڊاڪٽر نسرين اسلم شاهه پنهنجي تحقيقي مقالي “The Origin of Honour Killing (Karo-Kari) in Sindh Pakistan” ۾ لکن ٿيون ته ننڍي کنڊ ۾ اِها رسم سترهين صديءَ دوران متعارف ٿي، جڏهن بلوچ قبيلن سان لاڳاپيل ڪجهه عرب نسل جا ماڻهو بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا. سنڌ جي ڪجهه قبيلن، جهڙوڪ مزاري، بگٽي، جکراڻي، کوسا، مري ۽ جتوئي قبيلن، اِن رسم کي بلوچ قبائلي ثقافت مان اختيار ڪيو. ليکڪائن هڪ نهايت اهم علمي دليل ڏيندي لکيو آهي ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري سماجي زندگيءَ جي هر رخ کي پنهنجي اندر سموئي ٿي. جيڪڏهن ڪارو ڪاري ان دور ۾ سنڌي سماج جو هڪ نمايان حصو هجي ها ته ان جو ذڪر شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ضرور ملي ها. ان بنياد تي اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته ڪارو ڪاري اصل سنڌي سماج جي روايت نه هئي، پر وقت سان گڏ ٻاهرين قبائلي اثرن وسيلي سنڌ ۾ داخل ٿي.
ويتر جو 1843ع ۾ سنڌ تي برطانوي قبضي کانپوءِ انگريز انتظاميا قتلن جو باقاعده رڪارڊ رکڻ شروع ڪيو ته اهڙي نوعيت جي واقعن کي سرڪاري دستاويزن ۾ ”ڪارو ڪاري“ جي عنوان سان درج ڪيو ويو، جنهن سبب اِهو اصطلاح وڌيڪ عام ٿيو. برطانوي دور ۾ اهڙن قتلن کي “Honour Killing” (غيرت جي نالي تي قتل) جو نالو ڏنو ويو، جنهن کي ڪجهه محقق ڏوهه کي هڪ قسم جو اخلاقي جواز ڏيڻ جي ڪوشش سمجهن ٿا. پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اِن رسم جا مختلف نالا آهن، جهڙوڪ پنجاب ۾ ”ڪالا ڪالي“، سنڌ ۾ ”ڪارو ڪاري“، خيبر پختونخوا ۾ ”تور تورِي“ ۽ بلوچستان ۾ ”سياه ڪاري“ چيو ويندو آهي.
تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪارو ڪاري کي فقط هڪ انفرادي ڏوهه طور ڏسڻ ڪافي ناهي، پر ان پٺيان موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي ڍانچن کي سمجهڻ ضروري آهي. نامياري مفڪر بيل هوڪس (Bell Hooks) موجب، پدرشاهي هڪ اهڙو سماجي نظام آهي جتي معاشي وسيلن، سماجي طاقت ۽ فيصلا سازيءَ تي مردن جو غلبو هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عورتن خلاف تشدد فقط هڪ انفرادي عمل نه رهندو آهي، پر سماجي نظام جو حصو بڻجي ويندو آهي، جتي مرد اهو طئي ڪندا آهن ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي. ان جو ٻيو وڏو سبب قبائلي جرڳا آهن، جيڪي عام طور تي بااثر مردن، وڏيرن، سردارن ۽ سياسي شخصيتن تي ٻڌل هوندا آهن، جتي عورتن جي ڪا نمائندگي يا شموليت ناهي هوندي. ٻارن جي حقن جي تنظيم SPARC جي رپورٽن موجب، سنڌ ۾ 150 کان وڌيڪ اهڙا جرڳا سرگرم رهيا آهن، جيڪي رياستي قانون کان مٿانهان ٿي فيصلا ڪندا آهن. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن جرڳن جي سرپرستي صرف وڏيرا ئي نٿا ڪن، پر ڪيترن موقعن تي چونڊيل نمائندا پڻ انهن سان لاڳاپيل ڏٺا ويا آهن. ان جو هڪ واضح مثال جون 2006ع جو آهي، جڏهن بنگلاڻي قبيلي جي تڪرار تي ٿيل هڪ جرڳي جي صدارت تڏهوڪي قومي اسيمبلي ميمبر مير هزار خان بجاراڻي ڪئي. جرڳي فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر کي ٽن کان پنجن سالن جي عمر جون معصوم نينگريون معاوضي ۾ ڏنيون وڃن. هي فيصلو عورتن کي هڪ ملڪيت طور ڏسڻ واري وحشياڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڪارو ڪاري بابت ٿيل جديد تحقيقن مان اهو حيران ڪندڙ انڪشاف به ٿيو آهي ته هي مسئلو صرف "غيرت” تائين محدود ناهي. ڪيترن ئي ڪيسن جو تعلق معاشي مفادن، ملڪيت جي ورهاست، خانداني دشمني ۽ قبائلي تڪرارن سان جڙيل هوندو آهي. Thomson Reuters Foundation Trust جي 2011ع واري رپورٽ موجب، غيرت جا الزام اڪثر مالي فائدن، ڏنڊن ۽ قبائلي سوديبازين جو ذريعو بڻجي ويندا آهن، جنهن هڪ قسم جي ”مٽاسٽا واري معيشت“ (Exchange Economy) کي جنم ڏنو آهي. ان جو هڪ مثال شڪارپور مان ملي ٿو، جتي امداد سيٺار ۽ رمضان سيٺار وچ ۾ 170,000 رپين ۽ مينهن جو مالي تڪرار ٿيو. آغا ثناءُ الله دراني (جيڪو شڪارپور جو مشهور وڪيل هو) جي صدارت ۾ ٿيل جرڳي فيصلو ڏنو ته رمضان سيٺار پنهنجيون ٻه ڌيئرون معاوضي طور امداد سيٺار جي حوالي ڪري. هي واقعو ثابت ڪري ٿو ته اسان جي سماج ۾ عورت کي آزاد انسان بدران رڳو هڪ وکر يا سوديبازي جي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ خاندان جي ملڪيت ٻاهر منتقل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نياڻين جي شادي جا فيصلا سندن مرضي کانسواءِ ڪيا ويندا آهن. سنڌ جي نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاهه پنهنجي افسانن ۽ ڊرامن ۾ اهڙين ئي سماجي حقيقتن کي گھري تنقيدي انداز سان پيش ڪيو آهي.
اهڙا دل ڏاريندڙ واقعا سماج جي ضمير تي ڪيترائي سوال اٿارين ٿا. سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته آخر غيرت جو سمورو بار هميشه عورت جي وجود، چادر ۽ ڪلهن تي ڇو رکيو ويندو آهي؟ مرد جي عملن، فيصلن ۽ ذميوارين کي ڪڏهن به ان پيماني سان ڇو ناهي پرکيو ويندو؟ ڪارو ڪاري جي هن وحشياڻي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ رياستي قانون جي بالادستي، جرڳن تي مڪمل پابندي ۽ سماجي شعور کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ته جيئن ڪا به نياڻي غيرت جي آڙ ۾ معاشي سوديبازي جو شڪار نه ٿئي.