نيتن ياهو وچ اوڀر جي امن جو سڀ کان وڏو دشمن

اويس توحيد

لڳ ڀڳ 30 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن پهريون ڀيرو اسرائيل ۽ فلسطينين جي وچ ۾ اوسلو ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي رهيو هو. واعدا ڪيا ويا هئا ته ڪيئن ٻئي، هڪٻئي جي وجود کي تسليم ڪري پرامن رهندا، ۽ ان دوران "ٻه رياستي فارمولا” پڻ وجود ۾ آيا. ان معاهدي جي وقت آمريڪي صدر بل ڪلنٽن وچ ۾ ۽ سندس سڄي توڙي کاٻي پاسي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات ۽ اسرائيلي وزيراعظم ياصحاق رابن بيٺل هئا. پر، ان ئي دوران اسرائيل ۾ نيتن ياهو، جيڪو ان ڏينهن ۾ اپوزيشن ليڊر هو، انتهاپسند جماعتن سان گڏجي امن معاهدي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري رهيو هو. سندس پاران اسرائيلي وزيراعظم تي يهودين جي ’قربانين‘ جو سودو ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اهو امن پسند ياصحاق رابن هڪ يهودي انتهاپسند جي هٿان قتل ٿي ويو ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ نيتن ياهو پهريون ڀيرو اسرائيل جو وزيراعظم چونڊجي ويو. ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر اڄ به نيتن ياهو امن جو دشمن ۽ مڊل ايسٽ  ۾ جنگ جي باهه ڀڙڪائيندڙ بنيادي ڪردار بڻيل آهي. غزه ۾ نه رڪجندڙ فلسطيني نسل ڪشي هجي، گذريل سال جون ۾ ايران خلاف ٿيل جنگ هجي يا وري آمريڪا سان گڏجي ايران سان هاڻوڪي جنگ هجي، ان سڀ جو ماسٽر مائنڊ نيتن ياهو کي ئي سمجهيو وڃي ٿو.

چيو وڃي ٿو ته ٽرمپ کي ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي يقيني ڪاميابيءَ جو دلاسو به نيتن ياهو ئي ڏنو هو.  سئو کان وڌيڪ ڏينهن گذري ويا آهن پر ٽرمپ ان تڪرار مان نڪري نٿو سگهي، يا ائين سمجهي وٺو ته نيتن ياهو آمريڪا کي مڊل ايسٽ جي جنگي چنبي مان آزاد ڏسڻ نٿو چاهي. هو ئي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ امڪاني معاهدي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سمجهيو وڃي ٿو. اپريل ۾ جڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي ۽ امن جي اميد جاڳي ته نيتن ياهو لبنان ۾ جنگ شروع ڪري ڏني. هڪ پاسي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن جون ڪوششون هلي رهيون آهن ته ٻئي پاسي نيتن ياهو جا خطرناڪ جنگي ارادا آهن. جڏهن به محسوس ٿيندو آهي ته آمريڪا ۽ ايران امن معاهدي جي ويجهو اچي رهيا آهن، ته اسرائيل جي لبنان ۾ جنگ تيز ٿي ويندي آهي. ائين لڳي ٿو ته امن جون ڪوششون ۽ جنگي ارادا ٻئي گڏوگڏ متوازي لڪيرن تي هلي رهيا آهن. انهن ئي ڪجهه مهينن ۾ اسرائيلي فوجن ڏکڻ لبنان جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. 15 لک رهواسي يعني لبنان جي چوٿين حصي جيتري آبادي گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪي آهي. چوڻ لاءِ ته لبنان ۾ غزه وانگر جنگ بندي آهي، پر شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن گذري ٿو جڏهن اسرائيلي فوجن هٿان ماڻهو نه ماربا هجن.

ڪجهه مهينا اڳ ٽرمپ دنيا کي غزه جي ٻيهر تعمير جا خواب ڏيکاري رهيو هو ۽ هاڻي غزه جي 70 سيڪڙو حصي تي اسرائيلي فوج جو قبضو آهي. گذريل اڍائي سالن ۾ 73 هزار فلسطينين جو رت وهايو ويو آهي ۽ لکين فلسطيني تباهه ٿيل غزه جي کنڊرن ۾ رهڻ تي مجبور آهن. حملا جاري رکڻ جو بهانو هاڻي به اهو ئي آهي ته حماس کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو آهي. غزه ۾ به ريفري آمريڪا آهي ته لبنان ۾ به ريفريءَ جي ذميواري آمريڪا جي آهي. سڀني کي حيرت ٿئي ٿي ته نيتن ياهو وٽ اهڙي ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي جو آمريڪا سندس ساٿ نٿو ڇڏي.

حقيقت اها آهي ته آمريڪا جو اسرائيل سان لاڳاپو تمام گهڻو گهرو آهي. جڏهن اسرائيل وجود ۾ آيو ته ان وقت جي آمريڪي صدر ٽرومين کي کيس تسليم ڪرڻ ۾ صرف 11 منٽ لڳا هئا. اسرائيل کي آمريڪا پاران هيل تائين لڳ ڀڳ 260 ارب ڊالرن جي امداد ملي چڪي آهي. هر سال 3.8 ارب ڊالر فوجي امداد جي مد ۾ ملن ٿا. گڏيل قومن  ۾ ويٽو جي ڇت ڏنل آهي، ان کان علاوه سياسي، سفارتي ۽ فوجي امداد جي هڪ وڏي فهرست آهي. اسرائيلي لابي "ايپيڪ” جون پاڙون آمريڪا جي سياسي نظام ۾ ڪافي مضبوط آهن. نيتن ياهو پاڻ به آمريڪي سماج، سياسي ۽ فوجي ڍانچي کان چڱي ريت واقف آهي. هن بطور شاگرد ۽ سفارتڪار آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ 20 سال گذاريا آهن. ايم آئي ٽي ۽ هارورڊ جهڙن اعليٰ تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي اٿس ۽ آمريڪي نظام ۾ ذاتي اثر رسوخ پڻ رکي ٿو. بل ڪلنٽن هجي، اوباما، بائيڊن يا ٽرمپ هجي، انهن سڀني آمريڪي صدرن سان نيتن ياهو جو واسطو رهيو آهي ۽ هو چالاڪ سياسي ذهن سان پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري ٿو.مڃيو وڃي ٿو ته نيتن ياهو جا ٽي وڏا ارادا آهن: آزاد فلسطيني رياست جي قيام واري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ، ۽ ’گريٽر اسرائيل‘ جي خواب کي پوري ڪرڻ سان گڏ هو وچ اوڀر جو نقشو بدلائڻ جي خواهش رکي ٿو. هو اولهه ائڊان (غرب اردن) جي فلسطيني علائقن ۾ نيون يهودي آباديون قائم ڪري کين ڳڙڪائڻ چاهي ٿو ۽ نقشي تان فلسطين کي غائب ڪرڻ چاهي ٿو. نيتن ياهو وچ اوڀر ۾ اسرائيل کي هڪ سپر پاور بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هو آمريڪا جي اوٽ ۾ ايران ۽ ان جي اتحادي گروپن يعني حزب الله، حوثي ۽ حماس کي فوجي ڪاررواين ذريعي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مسلم ملڪن کي آمريڪي اثر رسوخ ذريعي "ابراهم معاهدي” جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

پر هاڻوڪي ايران جنگ ۾ نيتن ياهو کي پنهنجي عزائم پوري ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي. هو نه ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرائي سگهيو ۽ نه ئي خليجي ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ڪرائي سگهيو. عرب ملڪن جي قيادت، خاص طور تي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن موجب ايران خلاف صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ جوابي ڪاررواين کان پاسو ڪيو ويو ته جيئن خطي کي انتشار ۽ اسرائيلي سازش کان بچائي سگهجي. نيتن ياهو هاڻي 76 سالن جو ٿي چڪو آهي. آڪٽوبر ۾ کيس چونڊن کي منهن ڏيڻو آهي پر عوام کي ڏيکارڻ لاءِ وٽس ڪا به ڪامياب ڪهاڻي ناهي، نه ايران جي نه ئي لبنان جي. سندس سياسي ساک داءُ تي لڳل آهي ۽ مٿس ڪرپشن ۽ بدعنواني جا ڪيس هلي رهيا آهن. جيڪڏهن هو اليڪشن ۾ هارائي ويو ته کيس سزا ۽ جيل جو منهن ڏسڻو پوندو.

ٽرمپ به مٿس ظاهري طور ناراض آهي. وائيٽ هائوس مان ليڪ ٿيل اها خبر پوري دنيا ۾ پکڙجي وئي ته ڪيئن ٽرمپ هڪ فون ڪال دوران پنهنجي ’عظيم دوست‘ نيتن ياهو تي چڙي پيو ته: ”تون لبنان ۾ ڇا ڪري رهيو آهين؟ ڪيئن ايران سان ٿيندڙ ڊيل کي خطري ۾ وجهي رهيو آهين؟ جيڪڏهن مان نه هجان ها ته تون جيل ۾ هجين ها.“  ايستائين جو آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ نيتن ياهو کي چريو به چئي ڇڏيو. ٽرمپ جا ڪجهه لفظ لکڻ جهڙا ناهن، پر ٽرمپ جو نيتن ياهو سان ائين وڙهڻ ظاهري طور تي سندس پريشاني ۽ بوکلاسٽ جي نشاني آهي. ٽرمپ ايران سان اوباما حڪومت واري نيوڪليئر معاهدي کان وڌيڪ بهتر ڊيل چاهي ٿو ۽ آمريڪا ۾ ٽرمپ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. تازو ئي ايوان نمائندگان (House of Representatives) ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي خلاف هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي، جيڪا علامتي اهميت جي حامل ته آهي پر ٽرمپ لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان قرارداد جي حمايت ۾ سندس پنهنجي پارٽي جي ڪجهه ساٿين به ووٽ ڏنو آهي. ٽرمپ نيتن ياهو سان مستقل ناراض به نٿو رهي سگهي پر موجوده حالتن ۾ هي لاڳاپو کيس مهانگو پئجي رهيو آهي.

نيتن ياهو سان دوستي هن وقت ٽرمپ جي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل ان هڏي وانگر آهي، جنهن کي نه ٿو  ٻاهر ڪڍي سگهي ۽ نه ئي نگلي سگهي ٿو. ٽرمپ خطي ۾ آمريڪي اثر مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ۽ ايران جنگ مان عزت سان نڪرڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي، جڏهن ته نيتن ياهو وچ اوڀر ۾ ’گريٽر اسرائيل‘ جي عزائم لاءِ جنگ جو رستو چونڊيو آهي. هو صهيونيزم تحريڪ ۾ ان جي باني ٿيوڊر هرزل ۽ اسرائيل جي پهرين وزيراعظم ڊيوڊ بين گوريان وانگر هڪ وڏو مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هو اسرائيلي عوام جي نظرن ۾ شايد ’هيرو‘ هجي، پر مسلم دنيا ۽ خاص طور تي فلسطينين لاءِ وچ اوڀر جي هڪ ’ولن‘ واري سڃاڻپ رکي ٿو. هن وقت آمريڪا ايران معاهدي لاءِ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي لاڳاپن جو خاتمو ضروري آهي. جنهن طريقي سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل جي رشتي ۾ طلاق ممڪن ناهي، ته گهٽ ۾ گهٽ علحدگي لازمي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.