اسلام آباد (بيورو) وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي ملڪ ۾ سولر پينلن جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن سبب واهپيدارن ۽ سولر توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ حلقن ۾ ڳڻتي وڌي وئي، رپورٽن موجب مارڪيٽ ۾ مختلف گنجائش وارن سولر پينلن جي اگهن ۾ اوچتو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته في سولر پينل ۾ 7 هزار کان 9 هزار رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، نئين قيمتن موجب 585 واٽ وارو سولر پينل، جيڪو اڳ لڳ ڀڳ 18 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، هاڻي 27 هزار رپين تائين پهچي ويو، اهڙي طرح 645 واٽ واري سولر پينل جي قيمت 22 هزار رپين مان وڌي 31 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 720 واٽ واري پينل جو اگهه 25 هزار رپين مان وڌي 33 هزار 500 رپين تائين پهچي ويو، مارڪيٽ سان لاڳاپيل حلقن جو چوڻ آهي ته رڳو سولر پينلن ئي نه، پر انورٽرن جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.