پيٽرول جي هڪ ليٽر تي 142 رپيا 41 پئسا ليوي وصول

اسلام آباد (بيورو) حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي باوجود عوام تي ليوي ۽ مختلف مارجنزجو وڏو بار برقرار  آهي، جنهن سبب صارفين تائين مڪمل رليف منتقل نه ٿي سگهيو، سرڪاري دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 235 رپيا 37 پئسا آهي، جڏهن ته واهپيدارن لاءِ پيٽرول جي وڪري جي قيمت 377 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 142 رپيا 41 پئسا ليوي ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن، جيڪي صارفين لاءِ قيمت ۾ واڌ جو اهم سبب بڻيل آهن، تفصيل موجب پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 116 رپيا 08 پئسا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي صورت ۾ 2 رپيا 50 پئسا في ليٽر اضافي چارج پڻ لاڳو آهي، دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيٽرول جي بنيادي قيمت ۽ صارفين کان وصول ٿيندڙ آخري قيمت ۾ وڏو فرق مختلف ٽيڪسن، ليويز ۽ مارجنز سبب موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.