ڪراچي(رپورٽر) نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان پاران ناليواري مزدور اڳواڻ ڪامريڊ عثمان بلوچ جي تازو شايع ٿيل آتم ڪٿا تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جيڪو ڪراچي جي صنعتي علائقي ۾ 1972 جي تاريخي جون مزدور قتل عام جي 54هين ورسي جي موقعي تي ٿيو.سيمينار ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻن، مزدور ڪارڪنن، تعليمي ماهرن، انساني حقن جي محافظن، شاگردن ۽ جمهوري ۽ ترقي پسند تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان سان گڏ مقررن ڪامريڊ عثمان بلوچ کي پاڪستان جي پورهيت طبقي جي جدوجهد جو هڪ زندهه ليجنڊ ۽ 1972 جي تاريخي تحريڪ جي اهم اڳواڻن مان هڪ طور زبردست سلام پيش ڪيو.مقررن ۾ ڊاڪٽر توصيـف احمد (نامور ترقي پسند تعليمي ماهر)، اسد اقبال بٽ (چيئرمين هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان) ناصر منصور (جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ واحد بلوچ (سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ)، ۽ ڪامريڊ زهرا خان (جنرل سيڪريٽري هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن سميت ٻين برک مزدور اڳواڻن، دانشورن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.مقررن چيو ته ڪامريڊ عثمان بلوچ جي خودنوشت صرف هڪ فرد جي ڪهاڻي نه آهي، پر اها مزدور طبقي جي مزاحمت، ٽريڊ يونين جدوجهد، رياستي جبر ۽ عام محنت ڪش ماڻهن جي انصاف ۽ برابري لاءِ اميدن جي هڪ قيمتي تاريخي دستاويز آهي. هن ڪتاب کي پاڪستان جي مزدور تحريڪ جي تاريخ کي ايندڙ نسلن تائين محفوظ ڪرڻ ۾ اهم دستاويز قرار ڏنو ويو. ڪامريڊ عثمان بلوچ جي اکين ڏٺي بيان جو حوالو ڏيندي مقررن چيو ته 7 ۽ 8 جون 1972 جا واقعا ڪراچي ۾ محنت ڪشن جي بي مثال طبقاتي يڪجهتي کي ظاهر ڪن ٿا، جتي ٻولي، نسل ۽ علائقائي فرق کان بالاتر ٿي مزدور گڏ ٿيا. هنن چيو ته اهي واقعا عوام دوست سياسي نعرا ۽ رياستي طاقت ذريعي مزدور تحريڪن کي دٻائڻ جي تضاد کي بي نقاب ڪن ٿا،مقررن چيو ته جون ۽ آڪٽوبر 1972 جي مزدور تحريڪ جي دٻاءَ ۽ شڪست جا پاڪستان جي محنت ڪش طبقي تي ڊگها ۽ گهرا اثر پيا، جن ۾ ٽريڊ يونينز جي ڪمزوري، ڪنٽريڪٽ مزدوري جو واڌارو، اجرتن ۾ جمود، نوڪري جي غير يقيني صورتحال ۽ ڪم جي حالتن جي خراب ٿيڻ شامل آهن.هنن چيو ته اڄ به مزدور گهٽ اجرتن، مهانگائي، غير محفوظ روزگار، نجڪاري ۽ ٽريڊ يونين حقن تي حملا جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. تنهن ڪري 1972 جا سبق اڄ به انتهائي اهم آهن۔سيمينار جي پڄاڻي تي اڳواڻن جون 1972 جي شهيدن ۽ ڪامريڊ عثمان بلوچ جي حياتي ڀر جدوجهد کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ عزم ڪيو ته مزدورن جي حقن، تنظيم سازي، بهتر اجرتن، سماجي تحفظ، صنفي برابري ۽ معاشي انصاف لاءِ جدوجهد جاري رهندي،اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته استحصال، جبر ۽ ناانصافي کان پاڪ سماج صرف مزدور طبقي جي آزاد تنظيم، يڪجهتي ۽ گڏيل طاقت ذريعي ئي قائم ٿي سگهي ٿو۔اڳواڻن آزاد ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي تي پابندي ۽ ڪشمير ۾ ڪارڪن شاهزيب جي قتل جي سخت مذمت ڪئي ۽ تحريڪ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔ان موقعي تي سانحي بلديه متاثرن جي مرحومه خاتون اڳواڻ جي نالي سان منسوب “سعيده خاتون ميموريل هال” جو پڻ افتتاح ڪيو ويو۔