ڪوئيٽا (م ڊ) سول اسپتال ۾ خاتون ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائي فرار ٿيندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، ايس ايڇ او سول لائنز جواد حيدر موجب جوابدار ڊيوٽي دوران ڊاڪٽر ماهه نور تي تيزاب اڇلي فرار ٿي ويو هو، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي ٿي ۽ کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ذريعن موجب ڊاڪٽرياڻي جي حالت خراب هجڻ ڪري کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب ڊاڪٽر ماهه نور جو 35 سيڪڙو حصو سڙي ويو آهي، ان کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڳولا دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ جوابدار همايون شاهه مارجي ويو، ٻئي طرف ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو هو ته ذميوارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي صوبي ۾ طبي خدمتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويندو، تنظيم جو چوڻ آهي ته خاص طور عورت ڊاڪٽرن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي ۽ اسپتالن ۾ سيڪيورٽي جون حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ حملي جي سببن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.