ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي لوڪ ورثو ڪميٽي طرفان زراعت جي سائنسي ماھر ۽ ليکڪ ايم ايڇ پنهور جي ياد ۾ هڪ پروگرام حسينا معين ھال ۾ منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي ليکڪ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو چيو ته ايم ايڇ پنهور جي تحقيق ننڊي کنڊ ۾ اھميت رکي ٿي رياض شاھد دايو چيو ته ايم ايڇ پنهور سنڌ جي زراعت جو عظيم سائنسي ماھر ھو پر ھي بنيادي طور تي انجنيئر ھو ھن زراعت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي اھميت جي لائق آھن پاڻي ماھر عمر ڪريم چيوته ايم ايچ پنهور جي ڪم مان متاثر آهيان ان جي ڪم کي ڪوڊ ڪندو رھندو آھيان ليکڪ عمر سومرو ايم ايڇ پنهور پنھنجو ڪم سائنسي انداز ۾ ڪيو جتي به ھن زراعت ڪئي پوک جي لاءِ اتي رھندو به ھو ليکڪ ظفر جوڻيجو چيو ته اسان جا آفيسر پنھنجن کاتن جو احترام نه ڪري رھيا آھن ايم ايڇ پنهور سنڌ لاجسٽ ڪردار هو، لوڪ ورثو ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ايوب شيخ خطاب ڪندي چيو ته ايم ايڇ پنھور جي ڪم کي نئين نسل لاءِ پھچائڻ لاءِ ھي پروگرام منعقد ڪيو ويو آھي لچي ميوو جي سنڌ ۾ سڀ کان پھريان پھريان پيداوار ڪندڙ ايم ايڇ پنهور ڪئي ۽ ھي يگانو ماڻهو ھو، ان موقعي تي اسماعيل پنھور ۽ حسن پٺاڻ پاران اسٽيج تي ويٺل مھمانن کي سنڌي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا