اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي حڪومت مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي.رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف نئين مالي سال جي بجيٽ بابت مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي، جيڪو وزيراعظم هائوس ۾ غير رسمي طور منعقد ٿيو.اجلاس دوران سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي)، ٽيڪسن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ سميت مختلف اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم کي بجيٽ جي اهم پهلوئن بابت بريفنگ ڏني.ذريعن موجب مهانگائي جي موجوده شرح کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز سامهون آئي آهي. بهرحال، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته دستياب مالي وسيلن ۽ بجيٽ جي گنجائش جو تفصيلي جائزو وٺي اهو طئي ڪيو وڃي ته ملازمن کي ڪيترو رليف ڏئي سگهجي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پگهارن ۽ پينشن ۾ حتمي واڌ بابت فيصلو وزيراعظم اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندو.واضح رهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ مهانگائي جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏيڻ بابت مختلف تجويزون غور هيٺ آهن، جڏهن ته حتمي اعلان بجيٽ پيش ٿيڻ وقت ڪيو ويندو.