اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي، جڏهن ته هڪ هفتي دوران اٽي، گيهه، ڪوڪنگ آئل، کير ۽ ايل پي جي سميت 22 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون، وفاقي ڳڻپ واري اداري موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 0.56 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي پر ان جي باوجود سالياني مهانگائي جي مجموعي شرح 14.75 سيڪڙو رهي، رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 22 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 10 شين ۾ گهٽتائي ۽ 19 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، اٽو، گيهه، کوڪنگ آئل، تازو کير ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، پٽاٽا 21.91 سيڪڙو ۽ بصر 28.16 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته ڪڪڙ 9.48 سيڪڙو ۽ ٿوم 9.13 سيڪڙو سستو ٿي، ان کان سواءِ ڊيزل 7.01 سيڪڙو ۽ پيٽرول 6.80 سيڪڙو سستا ٿيا آهن. مجموعي طور تي مهانگائي ۾ معمولي گهٽتائي باوجود عام واهپيدارن لاءِ روزمرهه شين جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي.