صوابي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن نٿو چئي سگهجي، هي پنهنجي پسند جون چونڊون ڪرائي رهيا آهن،صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي چونڊن لاءِ هڪجهڙا موقعا (ليول پليئنگ فيلڊ) نه مليا، ۽ پارٽي خلاف سمورا ناجائز هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا.اميد هئي ته حڪومت جمعي تي بجيٽ پيش ڪندي.تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان کسيو ويو، پابنديون لڳايون ويون، هي پنهنجي مرضيءَ جون چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا. اهو اڳي ئي طئي ٿي چڪو آهي ته ڪنهن کي ڪيتريون سيٽون ملنديون.حڪومت جي ناڪام پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي.