گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پ پ جي پوزيشن بهتر:سروي

اسلام آباد(سجاد انور)گلگت بلتستان ۾ چونڊن ۾ لڳ ڀڳ چار سئو ٽي اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جن مان اڪثر آزاد اميدوار  آهن، تجزئي نگارن موجب ڪجهه سروي مطابق پيپلز پارٽي اڳتي آهي، ٻئي نمبر تي مسلم ليگ نون ۽ ٽئين نمبر تي ٻين جماعتن جو اثر آهي.جلسن جي حوالي سان به پيپلز پارٽي جا جلسا وڌيڪ وڏا نظر آيا آهن.هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ ڪشمير ايڪشن ڪميٽي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين ۾ مسئلو آهي.ٻارهن مهاجر سيٽن تي اختلاف بنيادي مسئلو آهي.ڪجهه رپورٽن موجب عوامي ايڪشن ڪميٽي تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن.انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جون خبرون به اچي رهيون آهن.تشدد ۽ احتجاج جا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن.جيڪڏهن وڏي نفري سان دٻاءُ وڌايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.ملڪ ۾ مختلف علائقن ۾ سياسي تڪرار موجود آهن، آزاد ڪشمير ۾ احتجاج تجزيي موجب وفاقي نظام دٻاءُ ۾ آهي، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومتي ڌر ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.جيڪڏهن سياسي جماعتون هڪ ٻئي سان سمجهوتو نه ڪنديون ۽ صرف طاقت جي بنياد تي فيصلا ٿيندا رهيا ته ملڪ ۾ سياسي بحران وڌندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.