اسان وٽ پاڪستاني سماج ۾ گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن ئي نٿا ته سماجي سائنس اصل ۾ ڇا آهي، اها ڪيئن ڪم ڪندي آهي ۽ اسان جي روزاني زندگيءَ سان ان جو واسطو ڇا آهي يا ان جي اهميت ڪهڙي آهي اسان لاءِ ڇو ضروري آهي
ان لاشعوري يا اڻڄاڻائيءَ سبب اسان سماجي سائنس کي ڪمزور مضمون سمجهي رد ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان جي سوچ ائين ٺهي وئي آهي ته رڳو انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا IT جي ڊگري جو ئي قدر آهي ان ۾ ئي روزگار يا مستقبل آهي اسان وٽ تقريبن والدين جو لاڙو انهن ئي فيلڊس ڏانهن آهي ڪنهن جو به سماجي سائنس ڏي ڌيان ناهي اسان وٽ سماجي سائنس ۾ اهي شاگرد ويندا آهن جيڪي مٿي ڄاڻايل فيلڊ ۾ ڪواليفاءِ ناهن ڪري سگهندا يا باءِ چانس اچي ويندا آهن جڏهن ته ميڊيڪل انجنيئرنگ يا آءِ ٽي انسانن ۽ سماجن جو مطالعو ڪندڙ انهن شعبن کي اسان علمي عياشي چئي ڇڏيون ٿا!
پر اها ئي غلطي اسان کي مهانگي پئجي رهي آهي اسان گورننس جي ناڪامي پاليسين جي تباهي ۽ نظام جي بحرانن جو روڄ ته روئندا آهيون پر ان بنيادي سائنس کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون جيڪا انهن مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. مون وٽ سوشيالاجي جي ڊگري آهي ۽ مان سماجي ڊاڪٽر جي حيثيت سان روزانو ڏسان ٿو ته هي شعبو انساني رويي ادارن ۽ سماجي جوڙجڪ کي ڪيئن پڙهي ٿو يا سمجهي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان هن وقت سماجي بحرانن جي بار هيٺ ساهه کڻي رهيو آهي ۽ اسان هڪ سادي پر تلخ سچ سمجهڻ ۾ ناڪام آهيون بيماريءَ جو علاج ڪرڻ کان اڳ ان جي سبب جي تشخيص ضروري آهي. سبب سڃاڻ کان سواءِ حل ممڪن ناهي! سو جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي ٽٽل سماج کي سڌارڻ چاهيون ٿا ته سماجي سائنس کي تسليم ڪرڻ هاڻي آپشن نه پر لازمي شرط آهي. اسان ان مشين کي ٺيڪ نه ڪري سگهنداسين جنهن جي ڪارڪردگي اسان سمجهندا ئي نه آهيون اسان جي رياست باءِ پاسن يا مختلف پراجيڪٽن تي اربين خرچ ڪرڻ ۾ تيز آهي پر انساني عنصر کان مڪمل انڌي آهي. اسان جي زخمن جو علاج سماجي سائنس جي ان وسيع طيف ۾ آهي جتي هر شعبو تحقيق ۽ حقيقي ڊيٽا جي روشنيءَ ۾ اسان جي بحرانن کي نئين نظريي سان ڏسڻ ۾ مدد ڏئي ٿو
مثال طور اقتصاديات: عارضي امداد بدران غربت جي جڙن جو تجزيو ڪري ٿي. سوشيالاجي ۽ اينٿروپالاجي: جاگيرداري نظام، قبيلائي بندش ۽ ثقافتي جمود کي بي نقاب ڪن ٿيون جيڪي لکن ماڻهن کي پوئتي ڌڪين ٿا.
پوليٽيڪل سائنس ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن: ٻڌائين ٿيون ته نوآبادياتي ادارن کي ڪيئن سڌاريو وڃي ۽ شهرين جو رياست تي اعتماد ڪيئن بحال ٿئي. ڪرمنالاجي: ڏيکاري ٿي ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات اخلاقي گهٽتائي نه، پر سماجي ۽ اقتصادي تڪليف جي نتيجي آهن. جينڊر اسٽڊيز: ان مرداني نظام کي چيلينج ڪن ٿيون جيڪو اسان جي اڌ آبادي کي خاموش ڪري ٿو ۽ محنت ڪندڙ عورتن لاءِ برابري جو مطالبو ڪن ٿيون. فلسفو: اسان کي تنقيدي سوچ ڏئي ٿو ته جيئن اسان پنهنجن تعصبن کي سڃاڻي سگهون. انٽرنيشنل ريليشنز: اسان کي پنهنجي پيچيده جيو پوليٽيڪل حقيقتن کي سمجهڻ جا اوزار ڏين ٿيون.
اهي سڀ شعبا هڪ ئي پزل جا ٽڪرا آهن. جڏهن اسان انهن کي سنجيدگي سان وٺنداسين زمين تان حقيقي ڊيٽا گڏ ڪنداسين ۽ تحقيق کي پاليسي ۾ بدلائينداسين تڏهن ئي اسان انهن سماجي برائين کي ختم ڪري سگهنداسين جن کي اسان صدين کان معمول سمجهي ڇڏيو آهي. ڪو به سماج شفا حاصل نه ڪندو جيستائين اهو جرئت سان اهو نه پڇندو: اسان زخمي ڪيئن ٿيا آهيون؟ ۽ ان سوال جواب ڏيڻ لاءِ سماجي سائنس اسان وٽ سڀ کان مضبوط هٿيار آهي.
سو اچو ته اسان سماجي سائنس جي اهميت کي سمجهون، ان جي اسان جي زندگي ۾ ڪيتري اهميت ان جا جا مقصد ڇا آهن اچو ته سماجي سائنس ذريعي پنهنجي سماج کي گهري نظر سان ڏسون ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جا ذريعا ۽ سبب ڳوليون اچو ت پنهنجي ايندڙ نسل کي سماجي سائنس طرف راغب ڪريون ته جيئن اهي هن سماج جا بهترين انسان ۽ سماج سڌارڪ بڻجي سگهن..!!