ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل 4 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي سخت متاثر آهي، جنهن سبب شهري سخت گرمي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، واٽر ڪارپوريشن موجب پمپنگ اسٽيشنن تي بجلي جي فالٽس ۽ لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جي سپلائي يا ته مڪمل طور بند آهي يا محدود سطح تي جاري آهي، قرباني جي عيد کان اڳ شروع ٿيل هن بحران سبب کارادر، لياري، نارٿ کراچي، نيو ڪراچي، ڪورنگي ، گلشن اقبال ۽ لانڍي سميت ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا آهن، شهري سخت گرمي ۾ پاڻي جي ڳولا ۾ پريشان آهن ۽ مجبور ٿي مهانگي قيمتن تي ٽينڪر خريد ڪري رهيا آهن، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب مختلف پمپنگ اسٽيشنن بجلي جي بندش ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن سبب متاثر ٿيون آهن، جنهن ڪري شهر جي ڪيترن حصن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بجلي جي مسلسل فراهمي يقيني نه بڻائي وئي ته پاڻي جو نظام وڌيڪ دٻاءُ هيٺ اچي سگهي ٿو، شهرين دانهون ڪندي چيو ته هڪ ته سخت گرمي آهي، ٻيو وري مٿان ڪجهه ڏينهن کان پاڻي جو سخت بحران آهي، جنهن سبب ذهني مريض ٿي ويا آهيون، شهر ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.