ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين ماڻهن جو احتجاج، ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي قيوم آباد چورنگي وٽ علائقي واسين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب هزارين گاڏيون ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي ويون ۽ ڀرپاسي جي  سمورن رستن تي ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو، رپورٽن موجب قيوم آباد جي مختلف بلاڪن اي، بي ۽ سي سميت ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسين وڏي انگ ۾ احتجاج ڪيو، مظاهرين چورنگي تي رڪاوٽون بيهاري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ۽ واٽر ڪارپوريشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته سندن علائقن ۾ گذريل چئن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب کين سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هنن الزام لڳايو ته واٽر لائينن ۾ گندو ۽ ڪيميڪل مليل پاڻي اچي ٿو، جڏهن ته صاف پاڻي خريد ڪرڻ سندن لاءِ اضافي مالي بار بڻجي ويو آهي، احتجاج دوران مقامي نمائندن خطاب ڪندي چيو ته واٽر ڪارپوريشن طرفان احتجاج ختم ڪرڻ جي بدلي پاڻي جي فراهمي جي خاطري ڪرائي وئي آهي، پر هاڻي صرف واعدن تي اعتبار نه ڪيو ويندو ۽ مستقل بنيادن تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، مظاهرين ميئر ڪراچي کي مخاطب ڪندي مطالبو ڪيو ته قيوم آباد جي رهواسين جي مسئلن تي به ڌيان ڏنو وڃي ۽ واٽر ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي، احتجاج سبب قيوم آباد چورنگي، بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي ۽ ٻين لاڳاپيل رستن تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ شديد گرمي سبب شهري سخت تڪليف ۾ رهيا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ مان لهي پنڌ پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، احتجاج لڳ ڀڳ ساڍا چار ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن کانپوءِ پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو، احتجاج ختم ٿيڻ بعد ٽريفڪ جي رواني به معمول تي اچي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.