مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ شروع ڪيون پيا:حافظ نعيم

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي  خلاف ملڪ گير تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، لاهور مان جاري بيان ۾ هن چيو ته جماعت اسلامي جي جدوجهد جو مک مقصد الله جي حڪمراني قائم ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي حمايت، عوامي راءِ جي هم آهنگي ۽ منظم دعوتي جدوجهد ئي واحد رستو آهن، جماعت اسلامي ڪنهن به سازش، ڳجهي معاهدي يا اقتدار حاصل ڪرڻ جي غير جمهوري طريقي تي يقين نٿي رکي پر عوام جي حمايت سان نظام ۾ تبديلي چاهي ٿي، عوامي راءِ کان سواءِ ايندڙ ڪو به انقلاب پائيدار نه هوندو آهي، جماعت اسلامي جي ميمبرشپ مهم اصل ۾ هڪ دعوتي مهم آهي جنهن جو مقصد تنظيم کي وڌائڻ، نون ماڻهن کي دعوت سان ڳنڍڻ ۽ دين جي قيام جي جدوجهد کي مضبوط ڪرڻ آهي، جماعت اسلامي جي امير وڏن شهرن، خاص طور تي ڪراچي، لاهور، پشاور، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، ڪوئيٽا، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ حيدرآباد جي اڳواڻن کي خاص هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته اهي پنهنجن سڀني علائقن کي ڍڪيندا ۽ ميمبرشپ مهم کي غير معمولي انداز ۾ اڳتي وڌائيندا، حافظ نعيم الرحمان ملڪ ۾ مهانگائي، بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن جي مسئلن تي جماعت اسلامي جي موقف کي عوام تائين پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جماعت جو پيغام سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن ذريعي وڏي پيماني تي پهچايو وڃي، جماعت اسلامي عوامي مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ طاقتور آواز آهي، پر ان آواز جي گونج صرف ان جي ڪارڪنن ذريعي ئي عوام تائين پهچي سگهي ٿي، هن اشارو ڏنو ته وفاقي بجيٽ ۽ بجلي ۽ پيٽرول سان لاڳاپيل عوامي مسئلن جي تناظر ۾، جماعت اسلامي ويجهي مستقبل ۾ احتجاج يا عوامي تحريڪ جو سڏ ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.