ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ جهڳين کي باهه

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گلشن اقبال بلاڪ 19 ۾ قائم 100 کان مٿي جهوڙين کي باهه لڳي وئي، اوچتو لڳل خوفناڪ  باهه سوين خاندانن جو سڀ ڪجهه کي چند ڪلاڪن ۾ خاڪ ڪري ڇڏيو، اختيارين موجب باهه اوچتو ڀڙڪي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي بستي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، باهه جا شعلا ايترا ته بلند هئا جو پري پري تائين دونهين جا ڪڪر نظر اچي رهيا هئا، باهه جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ جهوپڙيون سڙي خاڪ ٿي ويون، جڏهن ته چوپايو مال، پکي ۽ گهريلو سامان به باهه جي ور چڙهي ويو، متاثر خاندان بي وسيءَ سان پنهنجون سڙندڙ جهوپڙيون ڏسندا رهيا، ڪيترن ماڻهن پنهنجي جمع پونجي ۽ قيمتي سامان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه جي شدت آڏو سڀ ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون، هڪ متاثر رهواسي ٻڌايو ته سندس سڄو گهر سڙي ويو، جڏهن ته لوڊر گاڏي به باهه ۾ تباهه ٿي وئي، گاڏي لاءِ رکيل ٻه لک رپيا روڪ به باهه ۾ سڙي ويا، چيف فائر آفيسر همايون خان چيو ته جهوپڙين اندر مناسب رستا نه هجڻ سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، بهر الحال 11 فائر ٽينڊرن جي مدد سان ڪيترن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو، جڏهن ته کولنگ جو عمل جاري رکيو ويو، اختيارين موجب خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پر ڪيترائي خاندان بي گهر ٿي ويا آهن ۽ کين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.