شرميلا فاروقي کي پئرس ڏسڻو آهي ته لاهور وڃي:اسد عثماني

ڪراچي (رپورٽر) نواز ليگ سنڌ جي ترجمان اسد عثماني چيو آهي ته جيڪڏهن شرميلا فاروقي کي کي پئرس ڏسڻو آهي ته هوءَ لاهور وڃي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو اڄ به پٿر جي دور جهڙي زندگي گذاري  رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي ترجمان چيو ته سکر جو ميئر صوبائي ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، گلگت بلتستان جا ماڻهو ترقي ۽ خوشحالي چاهين ٿا، جيڪا مسلم ليگ (ن) ئي ڏئي سگهي ٿي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي سنڌ ۾ سڀني جي سامهون آهي، جتي هر طرف تباهي نظر اچي ٿي، پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ رڳو ڪرپشن ترقي ڪئي آهي، جڏهن ته عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي، اسد عثماني چيو ته سنڌ جي حالت ڏسي ڪو به سمجهدار ماڻهو پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيندو، شهر ۾ هنڌ هنڌ گندو پاڻي، ڪچري جا ڍير ۽ ٽٽل روڊ شهري زندگي لاءِ عذاب بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.