ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص ۾ سالياني ٽن ڏينهن وارو مينگو فيسٽيول ملتوي ڪيو ويو،ان بابت ضلعي انتظاميه جو باضابطه موقف سامهون اچي ويو، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص نواب سمير حسين لغاري چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ سنڌ حڪومت پاران فنڊز جاري نه ٿيڻ سبب ٽن ڏينهن تائين منعقد ٿيندڙ سالياني مينگو فيسٽيول کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مينگو فيسٽيول مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس ڪمشنر ڪميٽي هال ۾ ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير حسين لغاري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مينگو فيسٽيول مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رئيس عارف خان ڀرڳڙي، فوڪل پرسن گھرام بلوچ، ڪميٽي ميمبرن حاجي محمد عمر ٻگهيو، خادم حسين بهراڻي، ڊائريڪٽر هارٽيڪلچر، ڊائريڪٽر هارٽيڪلچر ريسرچ آصف علي لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فيصل علي سومرو، اي ايس پي قرت العين، حيسڪو جي واحد حسين خاصخيلي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي هلندڙ صورتحال ۽ سنڌ حڪومت پاران فنڊز جي عدم فراهمي سبب هن سال مينگو فيسٽيول منعقد نه ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير حسين لغاري چيو ته مينگو فيسٽيول نه صرف ميرپورخاص جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، پر هتان جي انبن کي عالمي سطح تي به سڃاڻپ ۽ پذيرائي حاصل آهي، جڏهن ته اهو مقامي ماڻهن لاءِ تفريح جو اهم ذريعو پڻ آهي، موجوده حالتن ۽ فنڊز جاري نه ٿيڻ سبب فيسٽيول ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ سان نمائش متاثر ٿيڻ جو خدشو هو، تنهن ڪري سڀني لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان هن سال مينگو نمائش ۽ فيسٽيول کي منسوخ ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو آهي.