عمرڪوٽ (ڊ ر) گهٽ عمر گهرو ملازم نينگري سان مبينا غير اخلاقي ۽ نازيبا حرڪتن جي الزام هيٺ گرفتار ٽيوشن سينٽر جي مالڪ ممتاز ڀٽي کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون ابتدائي ٻڌڻي کان پوءِ وڌيڪَ جاچ لاءِ جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار خلاف ڪارروائي ان وقت عمل ۾ آندي وئي جڏهن مبينا طور نينگري سان غير اخلاقي حرڪتن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن بعد سڄي شهر ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي، متاثر نينگري جي ڀاءُ معشوق کوسو جي فرياد تي وومين ٿاڻي عمرڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي جي شروعاتي ڪئي آهي، ذريعن موجب ممتاز ڀٽي سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور مقرر هو ۽ پنهنجي گهر ۾ هڪ خانگي ٽيوشن سينٽر پڻ هلائيندو هو، وڊيو منظرعام تي اچڻ کان پوءِ لاڳاپيل اختيارين کيس معطل ڪندي ڊائريڪٽر جنرل آفيس ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته عدالت ۾ شاهدن ۽ جاچ رپورٽن جي روشني ۾ وڌيڪَ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪڻڪ اسڪينڊل، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نصرالله چانڊيو جي آزادي جو حڪم
سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي ۾ 57 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نصر الله چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو 20 لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي، وڪيل قربان ملاڻو ۽ وڪيل نعمت شاهه موجب خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي جيل حوالي ٿيل ڊپٽي ڊائريڪٽر نصر الله چانڊيو جي ضمانت واري درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو آهي، هنن جو چوڻ هو ته عدالت خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نصر الله چانڊيو جي 20 لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.