اسلام آباد(ع آ نيوز) ايف بي آر هڪ نئين اسڪيم تيار ڪئي آهي، جنهن جو باضابطه اعلان وفاقي بجيٽ 2026-27 ۾ متوقع آهي.ايف بي آر دڪاندارن ۽ ننڍن واپارين لاءِ هڪ نئين اسڪيم تيار ڪئي آهي، جنهن جو باضابطه اعلان وفاقي بجيٽ 2026-27 ۾ متوقع آهي. ذريعن موجب، تجويز ڪيل رٿا تي مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا جاري آهن، جنهن تحت 2 ڪروڙ رپين تائين سالياني ٽرن اوور وارا واپاري اسڪيم لاءِ اهل هوندا، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن کان ڪاروبار ڪندڙ به ان ۾ شامل ٿي سگهندا. رجسٽريشن IRIS پورٽل، موبائل ايپ يا ٽيڪس سهولت ڏيندڙن ذريعي ممڪن هوندي، ۽ اسڪيم ۾ شرڪت رضاڪارانه هوندي، جڏهن ته، صحيح مالي رڪارڊ برقرار رکڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اهل واپارين لاءِ نسبتاً گهٽ ۽ آسان ٽيڪس جي شرح متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ٽيڪس صرف مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ آمدني تي ادا ڪرڻو پوندو. اسڪيم ۾ شامل ماڻهن کي عام طور تي آڊٽ جو منهن ڏيڻو نه پوندو پر غير معمولي مالي سرگرمين يا آمدني ۾ تضاد جي صورت ۾ آڊٽ ٿي سگهي ٿو. واپارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سيلز، خريداري ۽ خرچن جا سادا رڪارڊ برقرار رکن، جڏهن ته ڪجهه ننڍن ڪاروبارن کي POS ۽ ڊجيٽل انٽيگريشن کان ڇوٽ ملڻ جو امڪان آهي. فعال ٽيڪس ڏيندڙن کي ATL، گهٽ ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ بهتر مالي حيثيت جهڙا فائدا ملندا، پر ضابطن جي ڀڃڪڙي، آمدني لڪائڻ يا ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي سزا لاڳو ڪئي ويندي. اسڪيم جو مقصد معيشت جي دستاويزي شڪل کي هٿي ڏيڻ ۽ رضاکارانه ٽيڪس جي ادائيگي کي وڌائڻ آهي، جڏهن ته بينڪ ٽرانزيڪشن کي اعلان ڪيل آمدني ۽ ڪاروباري سرگرمين سان مطابقت رکڻي پوندي.