سامارو ( ن ع آ ) سامارو ڀرسان ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀاءُ ۽ نوجوان گهر واري قتل، عورت جو لاش گهر مان ھٿ ۽ مرد جو لاش واھ ۾ لوڙھيو ويو، ڳولا کان پوءِ پنج ڪلاڪن بعد لاش هٿ، ساماري ٿاڻي جي حد ديھه بکوري جي ڳوٺ رمضان شر ۾ جوابدار اميد علي شر پنهنجي نوجوان سڳي ڀاءُ ۽ پنهنجي زال ڪارنهن الزام هيٺ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار اميد علي شر پنهنجي زال پٺاڻي شر ۽ ڀاءُ شهباز کي گهر اندر گهٽا ڏئي بي دري سان قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو مڙھ ڳوٺ ويجهو وهندڙ مٺڙائو ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي عورت جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جڏھن ته مرد شھباز جو لاش هٿ نه اچي سگهيوجنهن بعد جوابدار جي نشاندهي تي پوليس ٽوٻن جي مدد سان مٺڙائو واهه مان جاڙا واٽر وٽان پنج ڪلاڪن بعد هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال سامارو منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ٻن ڄڻن جا مڙھ ڳوٺ ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏھن ٿه قتل واقعي ۾ هڪ جوابدار اميد علي شر کي گرفتاري ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي جنهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي آھي، ٻئي پاسي ايس ايس پي عمرڪوٽ سامارو ۾ ٻٽي قتل جو نوٽيس ورتو واقعي واري جي جاءِ جو دورو ڪيو ايس ايس پي عمرڪوٽ تعلقي سامارو جي ڳوٺ حاجي رمضان شر بکوري ۾ ٻٽي قتل جي جاءِ جو دورو ڪيو ۽ جاچ جي عمل جو جائزو ورتو. واقعي ۾ جوابدار اميد علي شر، پنهنجي زال پٺاڻي شر ۽ ڀاءُ شهباز شر کي قتل ڪيو، فوري ڪارروائي ڪندي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي عمرڪوٽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جاچ ميرٽ تي مڪمل ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.