سنڌ ۾ پاڻي بحران سنگين، سنڌ جي پاڻي تي 39 هزار ڪيوسڪ جو ڌاڙو

سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو)  سنڌ ۾ پاڻي جو سخت بحران ٿي ويو، سرڪاري طور به 36 سيڪڙو کوٽ جي تصديق ٿي وئي آهي.  آبپاشي کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ کي پاڻي جي فراهمي اڃا به کوٽ جو شڪار آهي. بليٽن مطابق سنڌ کي پاڻي معاهدي تحت 106,340 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي، پر هن وقت صرف 67,660 ڪيوسڪ پاڻي دستياب آهي، جنهن سبب صوبي کي مجموعي طور 36 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي واهن ۾ به پاڻي جي فراهمي مقرر حصي کان گهٽ رهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج واري نظام  ۾ سڀ کان وڌيڪ 51 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي. آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب سنڌ جي زرعي سرگرمين تي ناڪاري اثر پوڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 53 هزار ڪيوسڪ کان وڌي وئي، دريائن ۽ بئراجن تي وهڪرا نارمل قرارڏنا ويا آهن موسميات کاتي جي فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن (FFD) پاران رپورٽ موجب ملڪ جي سمورن وڏن دريائن، بئراجن ۽ ڊيمز تي پاڻي جي وهڪري جي صورتحال نارمل رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ مٿئين علائقن کان پاڻي جي آمد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي اهم بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي به وهڪرا معمول مطابق رهيا. رپورٽ موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 72 هزار 993 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 53 هزار 238 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 53 هزار 610 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 18 هزار 850 ڪيوسڪ رهيو. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 785 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته نيڪال ٻڙي ٻڌايو ويو آهي.سنڌو درياهه جي مٿئين حصي ۾ تربيلا ڊيم وٽ پاڻي جي آمد 157 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال 129 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪالاباغ وٽ آمد 153 هزار 645 ڪيوسڪ، چشمه وٽ 185 هزار 65 ڪيوسڪ ۽ تونسه بئراج وٽ 113 هزار 641 ڪيوسڪ پاڻي جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي، جن کي فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن نارمل قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف تربيلا ڊيم جي موجوده سطح 1451.58 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم جي سطح 1169.9 فوٽ آهي. ماهرن موجب موجوده صورتحال موجب ملڪ جي ڪنهن به درياهه يا بئراج تي وچولي يا وڏي درجي جي ٻوڏ جو خطرو موجود ناهي، جڏهن ته پاڻي جي وهڪرن تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي.فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب ايندڙ ڏينهن دوران به دريائن ۽ بئراجن جي صورتحال تي ويجهي نگراني جاري رهندي ۽ ڪنهن به غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن کي آگاهه ڪيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.