اسلام آباد (پ ر) پاڪستان ۾ آمريڪي مشن آمريڪا جي آزاديءَ جي 250هين سالگرهه جي موقعي تي خاص تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ گڏيل قدرن کي اجاگر ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو ته آزادي، وقار ۽ حقِ خوداراديت جهڙا اصول گذريل 250 سالن کان دنيا جي ماڻهن لاءِ الهام جو ذريعو رهيا آهن، هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اهم تبديلي مان گذريا آهن ۽ هاڻي اهي هڪ حقيقي اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن، نيٽلي بيڪر موجب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا احترام، گڏيل مفادن ۽ سلامتي و خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن، تقريب ۾ هن پاڪستان جي ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ لاهور جي بسنت ميلي جي بحالي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن جا دورا شامل هئا، هن فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي حوالي سان به پاڪستاني ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ٽورنامينٽ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبالون پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيون آهن، جيڪا ملڪ جي مهارت جو ثبوت آهي.تقريب ۾ آزادي، جمهوريت ۽ موقعن جي علامتن تي ٻڌل لبرٽي بيل جون نقلون پڻ نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون، جن کي پاڪستاني فنڪارن ۽ شاگردن رنگ ڀري پيش ڪيو.