ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان عوام پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته جمهوريت جي شروعات آزاد، منصفاڻن ۽ شفاف چونڊن سان ٿيندي آهي۔ هن چيو ته 2018ع جون چونڊون شفاف نه هيون ۽ ان دور ۾ سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو.هن چيو ته هڪ جمهوري رياست ۾ سڀني شهرين ۽ اقليتن کي آئيني حق حاصل هوندا آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته عورتن، خواجه سرا فردن، مذهبي ۽ لساني اقليتن ۽ بلوچستان جي عوام جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي. مفتاح اسماعيل چيو ته کنڊ ۽ ڀاڻ جي شعبن کي اربين رپين جون سبسڊيون ڏنيون وڃن ٿيون، پر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو وٺندڙ غريب ماڻهن کي ڪجهه ماڻهوپينو ٿا سڏين ، جيڪو افسوسناڪ آهي۔ هن چيو ته عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ضروري آهي۔
بينظير انڪم سپورٽ ماڻهن کي فقير بڻائڻ وارو پروگرام آهي:راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ماڻهن کي فقير بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿو ڪري، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب جي حد تائين هو يقين سان چئي سگهي ٿو ته هن پروگرام جو ڊيٽا درست ناهي ۽ ان ۾ وڏي ڪرپشن موجود آهي، هن چيو ته هن پروگرام مان غربت ختم نه ٿي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ان کي جاري رکڻو آهي ته رکي، پر پنجاب ۾ ان جو ڪو فائدو نظر نٿو اچي، ان موقعي تي هن اها به دعويٰ ڪئي ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سسٽم مان ٻاهر آهي، ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته رات جي اونداهي ۾ نتيجا ڪهڙا ايندا، جڏهن ته اسان لاءِ چونڊ مهم ڏکي بڻائي وئي آهي ۽ ن ليگ لاءِ رستو صاف ڪيو ويو آهي.