فاسٽ بالنگ ڪوچ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ عهدو ڇڏي ڏنو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ذاتي مصروفين جي بنياد تي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.
شان ٽيٽ جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم سان گڏ گهاريل 12 مهينا شاندار رهيا.
واضح رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريلوي ڪوچ سان نومبر 2027ع تائين معاهدو ڪيو هو.
شان ٽيٽ ان کان اڳ پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ افغانستان جي ٽيمن سان به ڪم ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.