تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي ايران جي اندر تقسيم جا ٻج پوکڻ چاهين ٿا.
خميس ڏينهن لکت ۾ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مجتبيٰ خامنه اي چيو ته دشمن کي ايران سان جنگ ۾ شڪست ملي آهي، کين هاڻي ذلت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
هن چيو ته ”دشمن هاڻي پنهنجو ڌيان هائبرڊ جنگ تي ڏئي رهيو آهي ۽ ان لاءِ هو جيڪو اوزار استعمال ڪري رهيو آهي، اهو شڪ، مايوسي ۽ بي اعتمادي ڦهلائڻ آهي.“
مجتبيٰ خامنه اي چيو ته آمريڪي قيادت ۾ سامراج گذريل 80 سالن ۾ اسرائيل جي نالي سان هڪ فوجي اڏو ٺاهيو آهي.
هن چيو ته هو ”گريٽر اسرائيل“ يعني فرات درياهه جي اوڀر ۾ ڪوڙي ۽ ناجائز جاگرافيائي سرحد تي هڪ مضبوط ۽ آزاد ايران جي وجود کي قبول نٿا ڪن.