ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا صبا قمر بابت خبرون سامهون آيون آهن ته هوءَ مبينا ”ڪوڪين ڪوئين“ انمول عرف پنڪي جي زندگي تي ٺهندڙ نئين بايوپڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب هن ڊرامي ۾ پنڪي جي گرفتاري سان لاڳاپيل واقعن، تڪرارن ۽ ان کانپوءِ ملندڙ غيرمعمولي عوامي ڌيان کي پيش ڪيو ويندو. رپورٽ موجب منصوبي جو اسڪرپٽ صحافي شاهزيب خانزاده لکي رهيو آهي، جيڪو ان کان اڳ صبا قمر جي مشهور ڊرامي ”ڪيس نمبر 9“ جو به ليکڪ رهيو آهي.
واضح رهي ته انمول عرف پنڪي مئي مهيني ۾ ڪراچي مان گرفتاري کانپوءِ خبرن جو مرڪز بڻجي وئي هئي، جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ کيس مبينا ”ڪوڪين ڪوئين“ به سڏيو ويو. صبا قمر جي مداحن لاءِ اها خبر ڪا حيران ڪندڙ نه هئي، ڇو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان گهڻ رخي اداڪارائن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هن ”باغي“، ”چيخ“ ۽ ”ڪيس نمبر 9“ جهڙن ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري ذريعي وڏي مڃتا ماڻي آهي، جنهن ۾ غيرت جي نالي تي قتل ۽ جنسي تشدد جهڙن حساس سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو هو.
رپورٽن موجب صبا قمر جي ”باغي“ ۾ اداڪاري کي خاص ساراهيو ويو هو، جيڪو سوشل ميڊيا شخصيت قنديل بلوچ جي زندگي تي ٻڌل هو. قنديل بلوچ کي 2016ع ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو ۽ اهو ڊرامو اهڙي حساس موضوع کي ٽيليويزن تي پيش ڪندڙ شروعاتي منصوبن مان هڪ هو.
ٻئي پاسي نئين بايوپڪ بابت خبرن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف ردعمل سامهون آيا آهن. ڪيترن واهپيدارن صبا قمر کي مرڪزي ڪردار لاءِ مناسب چونڊ قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن اهڙي منصوبي تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙين شخصيتن بدران اثرائتن ۽ مثبت ڪردارن تي بايوپڪس ٺاهڻ گهرجن. جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته اهڙن ڊرامن جو مقصد ڪنهن شخصيت جي واکاڻ ڪرڻ نه، پر ان جي زندگي جي پيچيده ۽ اونداهي پاسن کي سامهون آڻڻ هوندو آهي.
فلمبندي ۽ پروڊڪشن بابت اڃا تائين باضابطه تفصيل يا تصديق سامهون ناهن آيا. ٻئي پاسي صبا قمر هن وقت ڊرامي ”معما“ ۾ نظر اچي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ جهان آرا جو ڪردار نڀائي رهي آهي.