گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کان 9 سيٽون کسجي ويون، گلگت ۾ جيالو وڏو وزير چاهيان ٿو: بلاول

غذر )ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت مان مينڊيٽ گهرجي ته جيئن اسلام آباد وڃي چئي سگهان ته ڪو ٻيو صوبو ٺاهڻ کان اڳ گلگت جي آواز کي ٻڌڻو پوندو.
غذر جي علائقي گاهڪوچ ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڀيري غذر جون ٽئي سيٽون پيپلز پارٽي جون هونديون، هو پنهنجي لاءِ نه پر عوام لاءِ ڳري اڪثريت چاهي ٿو، گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کان 9 سيٽون کسجي ويون هيون.
پ پ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو غذر کي ضلعي جو درجو ڏنو، صدر زرداري گلگت کي سڃاڻپ ڏني.
هن چيو ته مون کي ڳري اڪثريت سان مينڊيٽ گهرجي ته جيئن ملڪيت واري حق تي عمل ڪرائي سگهان، قانون ساز اسيمبلي مان ملڪيت واري حق بابت قانون سازي گهرجي.
بلاول ڀٽو چيو ته ضروري آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهيون ته جيئن هتان جي عوام کي زمين جي ملڪيت ملي سگهي، گلگت بلتستان ۾ جيالو وڏو وزير چاهيان ٿو ته جيئن عوام کي زمين جو مالڪ بڻائي سگهان.
هن تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي اڄ مقابلو ڪري رهيا آهن، انهن ته بينظير ڀٽو تي ڪيس ٺاهيا هئا، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ جي بي ۾ ٽورازم کي تباهه ڪري ماڻهن کي بيروزگار ڪيو.
هن چيو ته ن ليگ مختلف ادارن مان ملازمن کي ڪڍي رهي آهي، ٻين سياسي جماعتن وٽ ڪو نظريو ناهي، هو پنهنجي مفاد لاءِ زبردستي توهان تي حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هن جي خواهش آهي ته مفت علاج لاءِ سڄي گلگت بلتستان ۾ اسپتالون ٺاهيان، جيئن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مفت علاج اين آءِ سي وي ڊي ۾ ملي ٿو.
هن چيو ته اسان کي وفاق کان مدد نه گهرجي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جي بي کي سهولتون فراهم ڪنداسين، جنهن تحت گلگت بلتستان کي ٽورازم جو حب بڻائينداسين.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب صوبي کي ٿيو آهي، جڏهن هو پنجاب جي مفاد جو خيال نٿا رکن ته پوءِ گلگت بلتستان جو ڇا خيال رکندا؟ ست جون تي گلگت بلتستان جي عوام کي رڳو پنهنجي لاءِ سوچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.