پاڪستان آمريڪا سان ايراني ايٽمي پروگرام بابت ڄاڻ ونڊڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ پرڏيهي کاتي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ڳجهي ڄاڻ آمريڪا سان شيئر ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن.
خميس ڏينهن هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان اهڙين رپورٽن کي سختي سان رد ڪري ٿو جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 29 مئي تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران اسحاق ڊار ايران جي ايٽمي پروگرام بابت تفصيل شيئر ڪيا.
هن چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي آمريڪي هم منصب سان ملاقات ۾ علائقائي امن، استحڪام ۽ چئلينجن جي سفارتي حل تي ڌيان ڏنو ويو هو، ان دوران ڪا به انٽيليجنس شيئر نه ڪئي وئي.
ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي لاءِ آمريڪا پاران ادا ڪيل هاڪاري ڪردار جي آجيان ڪري ٿو.
ابراهيمي معاهدي ۾ شموليت بابت سوال تي طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جو موقف برقرار آهي.
اسان جو مطالبو فلسطين جي هڪ عمل جوڳي ۽ رياست جو قيام آهي، جنهن جي راڄڌاني والاريل بيت المقدس هجي ۽ اها 1967ع کان اڳ وارين سرحدن جي اندر هجي.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت ۽ روس وچ ۾ ”ٽيڪنيڪل فوجي معاهدي“ بابت سوال تي ترجمان چيو ته اهڙين رپورٽن جو نوٽيس ورتو آهي، پر هن مرحلي تي ان تي تبصرو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو، معاهدي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.