ايڪس ۾ واهپيدارن جي سهولت لاءِ هڪ نئون فيچر اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) پنهنجي واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن سان پوسٽن کي سڌو سنئون انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ اسٽوريز ۾ شيئر ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ موجب ايڪس جي پراڊڪٽ هيڊ نڪيتا بيئر هڪ پوسٽ ذريعي هن نئين فيچر جو اعلان ڪيو. ان سان گڏ ”ري ايڪٽ ود وڊيو“ فيچر متعارف ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو، جيڪو واهپيدارن کي ايپ اندر وڊيو ردعمل رڪارڊ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نڪيتا بيئر چيو ته ڪمپني ايڪس پوسٽن کي انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ اسٽوريز ۾ شيئر ڪرڻ جا ٻه نوان طريقا آزمائي رهي آهي. واهپيدار ٽائم لائن مان وڊيوز شيئر ڪري سگهندا، جڏهن ته فل اسڪرين ويو مان به پوسٽن کي سڌو اسٽوريز ۾ موڪلڻ ممڪن هوندو.

هن چيو ته واهپيدار ڪنهن پوسٽ کي پنهنجي تبصري يا جواب سان گڏ به شيئر ڪري سگهندا، جنهن سان پوسٽن جي شيئرنگ وڌيڪ دلچسپ ۽ ذاتي بڻجي ويندي. رپورٽ موجب شيئر ڪيل وڊيوز ۾ پاڻمرادو واٽر مارڪ شامل هوندو، جيئن مواد جي اصل ذريعي جي سڃاڻپ برقرار رهي.

ٻئي پاسي ”ري ايڪٽ ود وڊيو“ فيچر ذريعي هر پوسٽ کي هڪ قسم جي ڪنٽينٽ ڪريئيشن اسٽوڊيو ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جتي واهپيدار وڊيو ردعمل رڪارڊ ڪري پنهنجي راءِ ظاهر ڪري سگهندا. ٻنهي فيچرز جي آزمائش محدود واهپيدارن ۾ جاري آهي ۽ اهي رڳو آئي او ايس ايپ ۾ دستياب آهن. ڪمپني طرفان اڃا تائين انهن فيچرز جي عالمي سطح تي جاري ٿيڻ بابت ڪا حتمي تاريخ سامهون ناهي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.