عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿي ويو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا، جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ(ڊبليو ٽي آءِ ) ڪچو تيل 3.16 ڊالر سستو ٿيڻ سان 92.86 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو آهي،
ان کانسواءِ برطانوي برينٽ تيل 3.41 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 94.83 ڊالر في بيرل تي بند ٿيو.
ٻئي پاسي نيچرل گيس جي قيمت ۾ 1.18 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اها 29.3 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.