واٽس ايپ واهپيدارن کي فراڊ کان بچائڻ لاءِ نئون فيچر اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جيڪو واهپيدارن کي ممڪن فراڊ ۽ اسڪيم پيغامن کان خبردار ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب واٽس ايپ کي ڪيترائي ماڻهو فراڊ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪمپني ”اسڪيم الرٽ“ نالي نئون فيچر تيار ڪيو آهي. هي فيچر هن وقت بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي.

رپورٽ موجب ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ جو مقصد اڻڄاتل رابطن کان ايندڙ پيغامن بابت اضافي خبرداري فراهم ڪرڻ آهي. اهڙين حالتن ۾ واهپيدارن کي سڌو چيٽ اندر الرٽ نظر ايندو، جنهن جي بنياد تي هو فيصلو ڪري سگهندا ته پيغام تي ڀروسو ڪجي يا نه. رپورٽ موجب هي فيچر ڪنهن ممڪن فراڊ دوران پاڻمرادو مداخلت نه ڪندو، پر خطري بابت ڄاڻ ۽ تجزيو فراهم ڪندو. واهپيدار پوءِ فيصلو ڪري سگهندا ته موڪليندڙ کي بلاڪ ۽ رپورٽ ڪرڻو آهي يا چيٽ جاري رکڻي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته هن فيچر جو بنيادي مقصد واهپيدارن کي فراڊ واري پيغام بابت شروعاتي مرحلي ۾ خبردار ڪرڻ آهي، جيئن هو ڪنهن نقصان کان بچي سگهن. واٽس ايپ موجب ڊيٽا جي رازداري کي به ترجيح ڏني ويندي. ممڪن فراڊ پيغامن جو تجزيو سڌو اسمارٽ فون اندر ڪيو ويندو ۽ پيغامن جو مواد ڪمپني جي سرورن ڏانهن منتقل نه ڪيو ويندو. ان جو مطلب اهو آهي ته پيغامن کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ برقرار رهندو. واٽس ايپ اڳ ئي اهڙي ٽيڪنالاجي وائس ميسيجز جي ٽرانسڪرپشن فيچر ۾ استعمال ڪري رهي آهي.

رپورٽ موجب ڪمپني لوڪل ايڪٽيوٽي لاگز تي به ڪم ڪري رهي آهي، جتي اسڪيم الرٽ سان لاڳاپيل تفصيل محفوظ هوندا. هي فيچر اختياري هوندو ۽ شروعاتي طور ڊفالٽ طور بند رکيو ويندو. واهپيدارن کي پاڻ وڃي ان کي فعال ڪرڻو پوندو. رپورٽ موجب في الحال هي فيچر بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهن ڪري اهو ڪڏهن سڀني واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويندو، ان بابت اڃا ڪا حتمي ڄاڻ سامهون ناهي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.