”سيارا“ کانپوءِ آهان ۽ انيت ٻيهر گڏ، نئين رومانوي فلم جي شوٽنگ شروع

ممبئي (ويب ڊيسڪ) فلم ”سيارا“ جي ڪاميابي کانپوءِ اداڪار آهان پانڊي، اداڪارا انيت پڊا ۽ هدايتڪار موهت سوري هڪ ڀيرو ٻيهر نئين رومانوي فلم لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ هن فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال آڪٽوبر يا نومبر ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب فلم هن وقت پري پروڊڪشن جي مرحلي ۾ آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته آهان پانڊي ۽ انيت پڊا هن وقت پنهنجي پنهنجي ٻين منصوبن ۾ مصروف آهن. آهان پانڊي هدايتڪار علي عباس ظفر جي نئين فلم جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي جيڪو جولاءِ تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺندو. ٻئي پاسي انيت پڊا فلم ”شڪتي شالني“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي. ٻنهي فنڪارن جي موجوده مصروفيتون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هو موهت سوري جي نئين فلم تي ڪم شروع ڪندا.

رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي فلم جي نالي بابت هلندڙ افواهن کي به رد ڪيو ويو آهي. ذريعن واضح ڪيو آهي ته فلم جو نالو ”ست رنگا“ ناهي، جيئن ڪجهه رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته اپريل ۾ منصوبي جي اعلان دوران موهت سوري چيو هو ته محبت جون ڪهاڻيون هميشه سندس ڪم جو اهم حصو رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته هي فلم به شديد جذبن ۽ محبت جي احساسن کي بيباڪي سان پيش ڪندي، تنهن ڪري ”سيارا“ واري ٽيم سان ٻيهر گڏ ٿيڻ سندس لاءِ انتهائي خاص ڳالهه آهي.

فلمي حلقن موجب آهان پانڊي، انيت پڊا ۽ موهت سوري جي هي ٻي گڏيل فلم يش راج فلمز جي ايندڙ رليزن مان سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ رومانوي منصوبن مان هڪ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.