جي يو آءِ جو چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف وفاقي شرعي عدالت سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (جي يو آءِ) ”چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025“ خلاف وفاقي شرعي عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.
جي يو آءِ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قانون ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي هر فرد کي ٻار قرار ڏيڻ اسلامي فقهي اصولن سان ٽڪراءُ آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شادي لاءِ 18 سالن جي لازمي عمر اسلامي تعليم سان هڪجهڙائي نٿي رکي، جڏهن ته قانون ۾ تجويز ڪيل لازمي سزائون عدالتي اختيار کي محدود ڪن ٿيون.
جي يو آءِ جو چوڻ آهي ته کين ٻارن جي تحفظ تي ڪو به اعتراض ناهي، پر قانون کي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ هم آهنگ بڻايو وڃي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته تڪراري شقن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ غير معمولي حالتن ۾ عدالتي ڇوٽ جو طريقو متعارف ڪرايو وڃي.
واضح رهي ته اپريل ۾ پنجاب جي لوڪل گورنمينٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ”پنجاب چائلڊ ميريج آرڊيننس 2026“ جي منظوري ڏني هئي، جنهن تحت صوبي ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين پيرا اشرف رسول جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ آرڊيننس جي متن جي منظور ڏني وئي هئي.
نئين آرڊيننس موجب نڪاح وقت گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي جي عمر 18 سال هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.