رنوير سنگهه منهنجو ڪردار ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي: للت مودي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل) جي اڳوڻي چيئرمين للت مودي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس حياتي تي ٻڌل بايوپڪ تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه ماضي ۾ سندس ڪردار ادا ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب للت مودي هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته بايوپڪ هن وقت اسڪرپٽ جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان لاءِ وسيع تحقيق ۽ لکڻ جو ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته هن سوين انٽرويو ڏنا آهن ۽ سنيها راجاڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم ڪهاڻي تي ڪم ڪري رهي آهي.

رپورٽ موجب جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو پنهنجي ڪردار ۾ ڪنهن اداڪار کي ڏسڻ چاهي ٿو ته هن رنوير سنگهه جو نالو ورتو. للت مودي ٻڌايو ته رنوير سنگهه پاڻ ساڻس رابطو ڪيو هو ۽ ٻه سال اڳ لنڊن اچي ملاقات به ڪئي هئي.

سندس چوڻ هو ته هو رنوير کي اڳ نه سڃاڻندو هو، ديپيڪا پاڊوڪون سان واسطو هو. هڪ ڏينهن کيس فون آيو ته رنويرهن سان ملڻ چاهي ٿو، جنهن بعد سندس ڪردار بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. للت مودي موجب رنوير سنگهه کيس ٻڌايو هو ته جيڪڏهن سندس زندگي ۾ ڪو هڪ ڪردار آهي جيڪو هو ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو آئي پي ايل ڪمشنر للت مودي جو آهي. هن چيو ته رنوير هڪ بهترين اداڪار آهي ۽ سندس تازي فلم ”ڌرينڌر“ ۾ ڪم به شاندار آهي.

رپورٽ موجب للت مودي چيو ته کيس خبر ناهي ته رنوير سنگهه اڄ به ان منصوبي ۾ دلچسپي رکي ٿو يا نه، ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن سالن دوران سندس ڪيريئر ۾ گهڻيون تبديليون آيون آهن. هن چيو ته بايوپڪ تي ڪم اڃا جاري آهي ۽ اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي رهيو آهي. رپورٽ موجب فلم ۾ للت مودي جي زندگي، آئي پي ايل جي ٺهڻ ۽ ان کي عالمي سطح جي راندين ۽ تفريحي برانڊ بڻائڻ واري سفر کي پيش ڪيو ويندو. هدايتڪار، پروڊڪشن هائوس ۽ ٻين اداڪارن بابت اڃا تائين باضابطه اعلان سامهون ناهي آيو.

واضح رهي ته رنوير سنگهه هن وقت پنهنجي تازي فلم ”ڌرينڌر“ سبب خبرن ۾ آهي، جڏهن ته للت مودي جي بايوپڪ بابت سندس بيانن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر رنوير سنگهه جي ممڪن ڪاسٽنگ بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.