شرميلا فاروقي جي راڻا ثناءُ الله تي ٺٺول، ” پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نٿيون ٿين ته لاهور کي الڳ صوبو بڻايو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي، رانا ثناءُ الله تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن ته پوءِ لاهور کي به الڳ صوبو بڻائي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ مشاورت جاري آهي ۽ ٻنهي جماعتن وچ ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جون ڪجهه نيون شرطون سامهون آيون آهن، جن تي تفصيلي صلاح مشورو ۽ بجيٽ فريم ورڪ تي ڪم ٿي رهيو آهي.
رانا ثناءُ الله جي بيانن تي ردعمل ڏيندي شرميلا فاروقي چيو ته کيس حقيقتن بابت ڳالهائڻ گهرجي، اهڙن بيانن سان عوام گمراهه ٿئي ٿو. هن چيو ته رانا ثناءُ الله ڪراچي جي مڪاني نظام تي ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ بلدياتي نظام بنيادي طور موجود ئي ناهي. هن چيو ته ن ليگ جيڪو مڪاني نظام گهرڻ چاهي ٿي، پهريان ان کي پنهنجي صوبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاري.
شرميلا فاروقي ٺٺول ڪندي چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نٿيون ٿي سگهن ته پوءِ لاهور کي الڳ صوبو بڻائي ڇڏيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن پروگرام کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي.
هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن بي آءِ ايس پي صوبن کي ڏنو ويو ته پوءِ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جو ڇا ٿيندو؟
هن وفاق تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر پنهنجو ٽيڪس ٽارگيٽ پورو نه ٿو ڪري سگهي ته ان جي سزا صوبا ڇو ڀوڳين؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.