ڪارو لوڻ صحت لاءِ قدرتي خزانو قرار، حيران ڪندڙ فائدا ڄاڻيو!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نئين سائنسي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته روايتي ڪارو لوڻ رڳو ذائقو وڌائڻ وارو مصالحو نه، پر ڪيترن ئي طبي فائدن وارو هڪ قدرتي غذائي جز پڻ آهي.

رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته عام لوڻ جي ڀيٽ ۾ ڪاري لوڻ ۾ سوڊيم نسبتاً گهٽ، جڏهن ته آئرن، ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جهڙيون اهم معدنيات وڌيڪ مقدار ۾ موجود هونديون آهن.

تحقيق موجب ڪاري لوڻ ۾ موجود قدرتي سلفر اهڙا عنصر پيدا ڪرڻ ۾ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو، جيڪي دل جي صحت، رت جي نالين جي ڪارڪردگي ۽ سوڄ ۾گهٽتائي لاءِ فائديمند ثابت ٿين. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪاري لوڻ جا جزا گردن جي ڪارڪردگي لاءِ بهتر ۽ جسم ۾آڪسائيڊيٽو دٻاءُ گهٽائڻ ۾ به ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.

رپورٽ موجب ڪاري لوڻ ۾ شامل ”ٽرائي فيلا“ معدي ۽ آنڊن جي صحت بهتر بڻائڻ، هاضمي کي فعال ڪرڻ ۽ جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. طبي ماهرن موجب ان جا جزا فائديمند جراثيم جي واڌ ويجهه ۾ به مدد ڏين ٿا. تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪارو لوڻ وات ۾ موجود ڪجهه نقصانڪار بيڪٽيريا جي واڌ گهٽائڻ، مهارن جي صحت بهتر بڻائڻ ۽ ساهه جي ڌپ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب پنهنجي منفرد خوشبو ۽ آنڊي جهڙي ذائقي سبب ڪارو لوڻ سڄي دنيا ۾ گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. ان کي ٽوفو، سلادن، ڀاڄين ۽ مختلف شربتن ۾ ذائقو وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته شروعاتي سائنسي شاهديون ڪاري لوڻ جي ممڪن طبي فائدن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، پر انهن فائدن جي مڪمل تصديق لاءِ وڌيڪ جامع ۽ ڊگهي مدي واري تحقيق جي ضرورت آهي.

نوٽ: هي معلوماتي خبر آهي. ڪنهن به بيماري جي تشخيص يا علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.