لڄالٽ، شادي ۽ طلاق جو مامرو، ”اهڙيون ڪهاڻيون ته فلمن ۾ هونديون آهن“ عدالت پاران متاثر عورت جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت زيادتي جي شڪار عورت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت پاران ڪيس جي عجيب صورتحال تي سوال اُٿاريا ويا.
جسٽس حسن رضوي پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن عورت سان زيادتي ٿي هئي ته هُن ساڳئي شخص سان شادي ڇو ڪئي؟ جنهن تي عورت جي وڪيل جواب ڏنو ته جوابدار ڏوهه تي پردو وجهڻ لاءِ عورت سان شادي ڪئي هئي.
جسٽس روزي خان پڇيو ته جيڪڏهن شادي ٿي وئي هئي ته پوءِ طلاق ڪيئن ٿي؟
وڪيل ٻڌايو ته جوابدار 17 جون 2025 تي زيادتي ڪئي، 26 جون تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ 6 آگسٽ تي جوابدار عورت کي طلاق ڏئي ڇڏي.
هن صورتحال تي جسٽس روزي خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ريپ، شادي ۽ طلاق، اِهو سڀ ڪجهه گهڻو جلدي نه ٿي ويو؟ جسٽس روزي خان وڌيڪ چيو ته اهڙيون ڪهاڻيون ته رڳو فلمن ۾ ئي ٿينديون آهن.
جنهن کانپوءِ عدالت عورت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.