هفتي ۾ ڪجهه منٽن جي ويٽ لفٽنگ سان موت جو خطرو گهٽ ٿيندو: تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هفتي ۾ 90 کان 120 منٽ وزن کڻڻ يا طاقت وڌائيندڙ ورزشون ڪرڻ سان وقت کان اڳ موت جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو جي رپورٽ موجب هارورڊ يونيورسٽي جي ماهرن آمريڪا جي 1 لک 47 هزار 373 ماڻهن جو 30 سالن تائين جائزو ورتو. تحقيق دوران ڄاڻ ملي ته جيڪي ماڻهو هفتي ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ طاقت وڌائيندڙ ورزش ڪندا هئا، انهن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 13 سيڪڙو گهٽ هو. ماهرن موجب جڏهن دل جي بيمارين يا فالج سبب موت جي خطري جو جائزو ورتو ويو ته اها گهٽتائي 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ماهرن اهو به ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو وزن کڻڻ يا ريزسٽنس بينڊ جهڙا فٽنيس اوزار استعمال ڪندا هئا، انهن ۾ عصبي بيمارين سبب موت جو خطرو 27 سيڪڙو گهٽ هو، ڀلي ٻين جسماني سرگرمين کي به نظر ۾ رکيو ويو هجي.

رپورٽ موجب هفتي ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ طاقت وڌائيندڙ ورزش ڪرڻ سان اضافي فائدا حاصل نه ٿيا. برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ ڇپجندڙ تحقيق ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ڊگهي ۽ صحتمند زندگي لاءِ ايروبڪ ۽ طاقت وڌائيندڙ ورزشن جو گڏيل استعمال اختيار ڪيو وڃي.

ماهرن چيو ته طاقت تي ٻڌل جسماني سرگرميون، خاص طور تي صحتمند پوڙهائپ لاءِ انتهائي ڪارائتيون آهن. سندس چوڻ هو ته اهي خراب صحت کي روڪڻ يا دير سان ظاهر ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جسماني حرڪت برقرار رکن ٿيون، خودمختياري کي هٿي ڏين ٿيون ۽ صحت جي خدمتن تي بار گهٽائين ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته سرگرم طرزِ زندگي هر سال 33 لک بيمارين جا ڪيس روڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جڏهن ته صحت جي خدمتن لاءِ ساليانو 8 ارب پائونڊ جي بچت جو سبب به بڻجي ٿي. رپورٽ موجب اين ايڇ ايس جي هدايتن تحت بالغ ماڻهن کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن اهڙيون طاقت وڌائيندڙ سرگرميون ڪرڻ گهرجن، جيڪي جسم جي سڀني وڏن عضلاتي گروپن کي متحرڪ ڪن. ان کانسواءِ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽ وچولي شدت واري يا 75 منٽ تيز شدت واري ورزش ڪرڻ جي به صلاح ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.